طاقت جي زور تي آزاد صحافت تي پابنديون لڳائڻ جي ڪوشش

ماريا اسماعيل

دنيا جو ڪوبه ملڪ هُجي ان جي ترقيءَ ۾ صاحفت اهم ڪردار ادا ڪندي آهي اهو ئي سبب آهي جو صاحفت کي رياست جو چوٿون ٿنڀو چيو ويندو آهي، پر افسوس آهي ته پاڪستان ۾ صحافين کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ڪي به اپائڻ نه ورتا ويا آهن جنهن جي ڪري صحافين پاران کي غير محفوظ هجڻ وارو تاثر ۽ ماحول موجود آهي. پاڪستان ۾ ڪيترائي ئي صحافي پنهنجا فرض ادا ڪندي تشدد ايتري قدر جو موت جو شڪار ٿي ويندا آهن. طاقتور طبقو هميشه صحافين کي پنهنجو فرض اداڪرڻ کان روڪندو رندو آهي ۽ سندن آوزا دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. پاڪستان ۾ هر سال هزارن  جي تعداد ۾ صحافي حقيقتن کان پردو هٽائڻ جي سزا طور تي تشدد جو نشانو بڻايو ويندا آهن. .ايمان دار صحافي پنهنجي خون ۽ جان ڏيڻ ته قبول ڪندا آهن مگر حق ۽ سچائي تان هڪ قدم به پوئتي نه ٿيندا آهن ۽ کين سندن جي اهڙي ئي  سوچ جي سزا ڏني ويندي آهي.

 

پاڪستان ۾ صحافن جي تحفظ لاءِ ڪي به اپاءُ نه کنيا ويا آهن جنهن ڪري صحافي برادري پاڻ کي انتهائي غير محفوظ سمجهندا رهن ٿا، ان حوالي سان اگر اسان ترقي پذير ملڪن جو جائزو وٺنداسين ته اسان وٽ صحافي برادري ترقي يافته ملڪن جي مقابلي ۾ وڌيڪ غير يقيني واري صورتحال جا شڪار آهي. صحافين کي پيشواراڻن فراضن جي ادائگيءَ لاءَ نه صرف غير رياستي عنصر بلڪ ڪجهه وقتن تي ته رياستي ادارن سميت انهن ادارن پاران پڻ رنڊيڪون پيدا ڪيون وينديون آهن جن لاءِ هو ڪم ڪندا آهن. .پاڪستان ۾ گذريل هڪ ڏهاڪي کان  صحافي ادارن وڏي ترقي ڪئي آهي پري صحافين جا حال نه بدلجي سگهيا آهن. اڄ به هو عدم تحفظ جا شڪار آهن جڏهن ته صحافين  جي مشڪلاتن ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ نت نوان طريقا ايجاد ڪيا ويا آهن.

هي پهرين دفعو نه آهي جڏهن صحافن کي اهري قسم جي حالتن کي منهن ڏيڻو پيو آهي. ماضي ۾ به مختلف حربن جي ذريعي صحافين جي زبان بندي ڪئي ويندي هُئي وئي جنهن جا ڪيئي مثال موجود آهن، اڪثر صحافين کي نازيبا لقبن سان نوازيو ويندو هو. ۽ کين پنهنجي راءِ جي اظهار ڪرڻ ۽ پيسوارڻيون ذميواريون ادا ڪرڻ کان روڪيو ويندو هو ۽ مختلف حوالن ۽ طريقن سان ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايون ويندو هو.

صحافن ۽ صحافتي ادارن جي خلاف ٿيندڙن تشدد تي نظر رکندڙ ادارو پاڪستان پريس فاوئويشن (پي پي ايف )پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته گذريل 18 سالن ۾ پاڪستان صحافتي ادارن تي گهٽ ۾ گهٽ 32 دفعا حملا ٿي چڪا آهن .

22آگسٽ 2016ع تي ڪراچي پريس ڪلب جي ٻاهران بک هڙتال ڪيمپ ۾ موجود ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن خطاب دوران ايم ڪيو ايم جي باني پاڪستان خلاف چڙڏيايندڙ نعرا هڻيا جنهن جي نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن مشتعلي ٿي ويا ۽ انهن ريڊ زون جي ويجهو هنگامو ۽ فساد برپرا ڪري ڏنو. ايم ڪيو ايم جي مشتعل ڪارڪنن اي آر وائي نيوز چينل ۽ نيو چينل جي دفتر جي اندر وڃي نعرا لڳائي ڀڃ ڊاهه ڪئي جڏهن ته فائرنگ دوران هڪ ماڻهو مارجي ويو ۽ ميڊيا هائوس ۾ ڪم ڪندڙ ڪيترائي ڪارڪن زخمي پڻ ٿي پيا انهن ۾نيوز چينل جو ڪميرا مين ريحان احمد ۽4 2 چينل جو ڪئميرا مين عثمان سميت ٻيا شامل آهن .

ان واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن نيوز چينل جي ڪميرامين ريحان احمد عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته پريس ڪلب جي ٻاهر ڌهرڻي جي ڪوريج ڪري رهيو هوس ڇو ته اها منهنجي اسائنمينٽ هُئي. اچانڪ مظاهرين چڙڏيانيدڙ انداز ۾ اي آر وائي چينل جي آفيس طرف هلي پيا. ريحان وڌيڪ ٻڌايو ته مان رڪارڊنگ ڪري رهيو هوس ته مون کي مظاهرين ڪوريج ڪرڻ کان منع ڪيو هنن جو چوڻ هو ته ڪوريج نه ڪريو پر مان هنن کي چيو ته اوهان پنهنجو ڪم ڪريو مون کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو .اچانڪ منهنجي مٿن تي وار ڪيو ويو مون کي ڪا خبر نه پئي ته اهو ڪو ڏنڊو هو يا ڪو سريو هو ياوري ٻي ڪا شيءِ هُئي. ريحان احمد چيو ته مان زمين تي ڪرڻ وارو هوس ته مون کي نيوز ون جي ڪميرا مين هٿ مان وٺي هڪ جگهه تي ويهاريو. هڪ سوال جي جواب ۾ ريحان چيو ته هڪ مهيني تائين مان گهر ۾هو س. مگر ڪنهن به ورائي پڇيو به ڪونه. جڏهن هي واقعو ٿيو ته ان وقت جي ڊي جي رينجرز بلال اڪبر ۽ وڏي وزير سنڌ عيادت ڪرڻ آيا پر ڪنهن به مالي امداد جو اعلان نه ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون پنهنجي اداري کي چيو ته مون کي ميڊيڪل الائونس ڏنو وڃي ته هنن جواب ڏنو ته پهرين بل ڏيو . ريحان احمد چيو ته 300رپيا جي روزانو پٽي ٿيندي هئي .مگر مان ان قابل نه هوس ته مون کي ميڊيڪل الائونس ملي .هن چيو ته مون کي صرف پگهارڏني وئي هئي. مان تمام تڪليف واري دور مان گذريو هوس پر الله جو شڪر آهي ته مان ٺيڪ ٿي ويس ۽ ڪم شروع ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ ريحان احمد چيو ته مون کي نه تي پريس ڪلب ڪا مدد ڪئي ۽ نه ئي نه وري صحافين جي تنظمين ڪا مدد ڪئي. مون کي پوليس استيشن ۽ عدالت گهرايو ويندو هو. هڪ سوال جي جواب ۾ ريحان احمد چيو ته جڏهن گهر جو ذميوار ڪنهن سبب ڪري ڪمائڻ جهڙو نه رهي يا سانس ڪو حادثو پيش ايندو آهي ته پوءِ گهر جون حالتون خراب ٿي وينديون آهن. پر منهنجي گهرواري هر مشڪل وقت ۾ منهنجو ساٿ ڏنو ۽ ان کان پوءِ وري مان پنهنجي پروفيشنل زندگيءَ ۾ واپس اچي ويس.

جڏهن نيوز چينل ڪراچي جي انتظاميا سان  ميديڪل الائونس يا وري مالي مدد ڪرڻ جي حوالي سان  رابطو ڪيو ويو ته ان اداري جي انتظاميا ٻڌايو ته اسان پهرين الائونس ۽ صحت ڪارڊ جاري ڪيا هئاسين پر مالي حالتون بهتر نه هجڻ ڪري اسان انهن سهولتن کي بند ڪري ڇڏيو. انتظاميا موجب ته اسان زخمي ٿيندڙ ڪمرامين هجي يا رپورٽرز ان کي ميڊيڪل الائونس ڏيندا آهيون اگر هو ڪوريج دوران فوت تي وڃي ته 50 سيڪڙو سيلري ڏيندا آيون .جڏهن انتظاميه کان 22آگسٽ 2016 ع جي زخمي ڪميرامين جي حوالي سوال ڪيو ويو ته ٻڌايو ته اسان انهن کي ميڊيڪل الائونس ڏنا هياسي.

ان وقت ميڊيا هائوسز تي حملي سميت ڪيئي ڪيس دهشتگردي ٽور عدالت ۾ التوا هيٺ آهن. ميڊيا هائوسز حملي جون مختلف ايف آءِ  آر داخل ڪيون ويون آهن جنهن ۾ 3 عورتن سميت 52 جوابدار گرفتار ڪيا ويا. ڪنهن به جوابدار خلاف ثبوت نه هجڻ ڪري کين آزاد ڪيو ويو .انهن ۾ عورتون به شامل هيون. ايف آءِ آر ۾ نامزد جوابدار ايم ڪيو ايم جي باني، ڊاڪٽر فاروق ستار ،عامر خان ،رئوف صديقي ،قمرمنصور، ذاڪر قريشي ، جاويد ڪاظمي ،گلفراز خٽڪ ،عارف خان ،اڪرام راجپوت ،اشرف نور ،ريحان هاشمي ،خواجا اظهار الحسن ،محفوظ يارخان ،خالد مقبول صديقي سميت ٻيا شامل آهن ،جيڪي ڪيسن جي ٻڌڻي ۾ هر هفتي عدالت ۾ پيش ٿيندا آهن .پر ان ڪيس ۾ خاطرخواهه پيش رفت نه ٿي آهي .ڪن ڪيسن جا جاچ آفيسر گم ڪيا ويا ته ڪن ڪيس جي پيروي ڪندڙ وڪيل غائب ٿي ويندا آهن. جڏهن ته عدالت هرهفتي ايم ڪيو ايم جي باني سميت روپوش جوابدارن خلاف ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪندي آهي .

ان ڪيس ۾ نامزد جوابدار ۽ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ رئوف صديقي سان ان حوالي ڳالهه ٻولهه ڪئي ته هن عوامي آواز کي ٻڌايو ته جنهن وقت اهو واقعو ٿيو هو مان موجود نه هيس  نه ئي ان واقعي سان منهنجو ڪو ڪو تعلق آهي .ان جي باوجود هر هفتي عدالت ۾ پيش ٿيندو آهيان .هڪ سوال جي جواب ۾ رئوف صديقي چيو ته مان پهريان ئي چيو آهيان ته مون کي بي گناهه ڦاسايو ويو آهي.ڪيس ۾ ڪجهه به نه ٿي رهيوآهي. مان امن پسند آهيان ميڊيا تي حملي جو سوچي به نٿو سگهيان .رئوف صديقي کان هڪ سوال ڪيو ويو ته ميڊيا جي حوالي سان سياسي ڪارڪنن جا جذبا ڇاهئا ۽ سياسي اڳوائڻ جي پاليسي ڇا هئي .ميڊيا تي حملي جي حوالي سان ڪارڪنن ڇو چڙڏيايندڙ تقريرون ڪيون، رئوف صديقي اهڙين سوالن جي جواب طور تي رڳو خاموش رهيو ۽ هُن ڪوبه جواب نه ڏنو.

 

اي آر وائي نيوز چينل جي سينئر رپورٽر فاروق سميع سان جڏهن ڳالهيو ويو ته هن عوامي آواز کي ٻڌايو ته پريس ڪلب جي ڌهرڻي جي دوران ان وقت جي ايم ڪيو ايم هڪ منظم طريقي سان ڪارروائي ڪئي .فاروق سميع جو چوڻ هو ته مظاهرين جو خيال هو ته اي آر وائي نيوز چينل هڪ سازش تحت مهاجرن جي خلاف خبرون هلائي رهيو آهي .هڪ سوال جي جواب ۾ فاروق چيو ته 200 يا 500 مشتعل ماڻهن اي آر وائي جي آفيس تي حملو ڪيو ۽ وڏي پئماني تي ڀڃ ڍاهه ڪئي. اسان جي گارڊز تي تشدد ڪيو ، عورتن سان بدتميزي ڪئي وئي ۽ اسان جي آفيس کي باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اسان جا سيڪيورٽي گارڊن انهن جي ڪوشش کي ناڪام ڪري ڇڏيو. هن ٻڌايو ته ٻئي ڏينهن ايم ڪيو ايم جو هڪ وفد آيو جنهن ان واقعي کان لاتعلقيءَ جو اظهار ڪيو.

هڪ ٻئي سوال جي جواب  فاروق سميع چيو ته اسان جي گارڊز جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو .ان جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا ان کان پوءِ هنن نه گهرايو ويو .هن چيو ته پريس ڪلب ۽ صحافتي تنظمين سميت سول سوسائٽي ڀرپور احتجاج ڪيو .مگر مان اها ڳالهه سمجهيو سگهيو هوس ته اها سموري ڪارروائي ڪري ايم ڪيو ايم ميڊيا هائوسز کي پنهنجي دٻاءَ هيٺ رکڻ پئي گهري جنهن ۾ ايم ڪيو ايم ناڪام ٿي وئي .

پريس ڪلب جي صدر ۽ سينئر صحافي امتياز فاران خان عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته پريس ڪلب هميشه صحافن جي ظلم جي خلاف آواز اٿاريو آهي .هن چيو ته ان واقعي کان پوءِ هر فورم تي احتجاج ڪيو ويو .پر اسان عدالتن ۾ ان ڪري پيش نه ٿياسين ته اسان کي ڌر نه ٺاهيو ويو هو .هن ٻڌايو ته پريس ڪلب جي هڪ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي آهي ان لاءِ جوڙي وئي آهي ته ميڊيا هائوسز پاران ملازمن کي ناجائز نموني ڪڍڻ خلاف صهافين ۽ ميڊيا جي مزتلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن جي مالڪن سان ملي انهن جي مسئلن کي حل ڪجي ۽ متاثر صحافين جي مالي مدد ڪرائجي. پر هاڻي اسان ان ڪميٽيءَ جي جو دائرڪار ۾ واڌ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهنبعد ميڊيا هائونسز تي حملي جي صورت ۾ صحافين جي زخمي يا قتل ڪيو ويندو ته ان جي قانوني مدد ڪئي ويندي .امتياز فاران خان ٻڌايو ته ان حوالي سان مشهور قانون دان ۽ اڳوڻي جسٽس رشيد اي رضوي جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن.ان جي باوجود اگر ڪو صحافي چاهي ٿو ته هن جو ڪيس الگ ڪيو وڃي ته اسان هن جو ساٿ ڏيڻ جي لاءِ تيار آيون .هن چيو ته ان ۾ سمورن صحافي تنظمين جا نمائندا ۽ سول سوسائٽي سان تعلق رکندڙن ڪرامت علي به اسان سان گڏ آهي .

نيوز چينل جي رپورٽر مونا صديقي عوامي آواز سان گالهائيندي چيو ته جنهن وقت اسان جي اداري تي حملو ڪيو ويو ته ان وقت مان ٻاهر هڪ اسائنمينٽ تي هيس. اسان جي انچارج اسان کي آفيس اچڻ کان روڪيو.  جڏهن ته اسان جو ڪميرا مين ريحان احمد ڪوريج دوران زخمي ٿيو ته اسان جي اداري جا مين گيٽ بند ڪري ڇڏيا ويا جنهن ڪري اسان جي اداري جو اهڙُ نقصان ٿيو.

هڪ سينئر صحافي اصغر عمر عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ اهڙي سياسي جماعت جيڪا ڪراچي شهر ۾ پنهنجو اثر رکي ٿي ان جو ميڊيا هائوسز تي حملو ڪرڻ شرمناڪ حرڪت آهي. جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا،

پراسيڪيويشن کاتو سنڌ سان جڏهن شفافيت ۽ معلومات تائين رسائي ايڪٽ 2016ع جي تحت سوال ڪيا ويا ته جواب مليو ته 22آگست 2016 ع تي ميڊيا هائوسز تي حملي جو ڪيس رياست جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو هو .ان ڪري گهروکاتي پاران ان ڪيس جي لاءِ اسپيشل پراسيڪيوٽر مقررڪيو ويو آهي جيڪو ڪيس هلائي رهيو آهي .هي ڪيس دهشتگردي جي عدالت ۾ هلائي رهيا آهيون .

آزادي صحافت ۽ صحافتي ادارن لاءِ ڪم ڪندڙن عالمي ادارو رپورٽرز ودآئوٽ بارڊرز جي تازي رپورٽ موجب پاڪستان 2018ع ۾ دنيا جي 180 ملڪن مان صحافت جي آزاديءَ  جي حوالي سان بدترين ملڪن ۾ 139 نمبر تي هو جيڪي هن وقت 142نمبر تي اچي ويو آهي .جڏهن ته رپورٽرز ودآئوٽ بارڊرز جي فهرست سان معلوم ٿي ٿيو ته پاڪستان جو شمار صحافت جي آزاديءَ جي حوالي سان شمار دنيا جي بدترين 40 ملڪن ٿيندو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.