2 ٻار 2 راتيون جهڳيءَ ۾ اڪيلا ڇو ستا…

نعيم ميربهر

هيءَ هڪ مختصر واقعو، اوهان جي نظر ڪجي ٿو، جنهن جي اوهان جي سامهون رکڻ جو مقصد صرف اهو آهي، ته بظاهر نظر ايندڙ فردن جي پٺيان ڪي زندگيون سلهاڙيل هجن ٿيون، جن بابت اسان کي ڪا خبر نه هوندي آهي ۽ اسان توقع ڪرڻ بنا ڪو نه ڪو قدم کڻي ڇڏيندا آهيون.
تازو ميرپورخاص جي ڦهلڏيون شهر ۾ جيڪو واقعو ٿيو، تنهن جا تفصيل مختلف ڄاڻ جي ذريعن مان اوهان تائين پهچي چڪا هوندا، سول سوسائٽي ميرپورخاص ميڊيا جي نمائندن سان گڏجي واقعي واري هنڌ پهچي جاچ پڻ ڪئي، جنهن رپورٽ مطابق ٿاڻي جي ايس ايڇ او، واقعي جي مک فريادي هڪ مذهبي تنظيم جي مقامي اڳواڻ اسحاق نهڙيو ۽ هندو برادري جي معزز ڊاڪٽر مگھارام سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ تجويزون پيش ڪيون ويون ته جيئن ايندڙ وقت ۾ ڪنهن اهڙي واقعي کان بچي سگهجي ۽ سنڌ جيڪا پرامن ڌرتي تور سڃاتي وڃي ٿي، جتي هر مذهب جو ماڻهو هڪ ٻئي جو احترام ڪري ٿو.
ان واقعي جي هڪ ڪڙي ڊاڪٽر ۽ مريض جي وچ ۾ واقعي کان هڪ رات اڳ ٿيل ڳالهه ٻولهه پڻ جڙي آهي. بحرحال شڪر جو سڀني ڌرين ملي علائقي ۾ امن امان کي سنڀالي ورتو ۽ ساڃاهه وند ڌرين واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي ايندڙ وقت ۾ ڪنهن به قسم جي اهڙي واقعي ٿيڻ جي امڪان يا وڳوڙن لاءِ گڏجي قدم کڻڻ لاءِ لائحه عمل پڻ جوڙيو.
ميرپورخاص هڪ پرامن شهر آهي، جتي سڀني مذهبن جي ماڻهن جي پاڻ ۾ لهه وچڙ اثرائتي ۽ ڀائپي واري آهي، جتي هر مذهب جا ماڻهو هڪ ٻئي جي مذهب ۽ ريتن رسمن جو انتهائي احترام ڪن ٿا، ميرپورخاص ڊويزن ضلعي ٿرپارڪر ۾ ته رمضان جي مهيني ۾ هندو ۽ مسلمان ڀائر روزيدارن کي روزو گڏجي ڇوڙائين ٿا.
واپس اچون ٿا ٻن ٻارن جي ٻن راتين جي قصي تي، اها اسان جي بدقسمتي آهي ته سنڌ ۾ هزارين خاندان اٽي ۽ لٽي لاءِ پاڻ پتوڙين ٿا، جڏهن ته پنهنجي اجهي کان وري به محروم هجن ٿا.
ميرپورخاص جي بلديا بس اسٽينڊ، علي آباد هائوسنگ اسڪيم، کپرو اسٽينڊ سميت مختلف علائقن ۾ سوين عارضي جهڳيون اڏيل آهن. بلديا اسٽينڊ ۾ گهرن جي وچ ۾ هڪ اڪيلي جهڳي راڻي به اڏي هئي، جيڪا هاڻ ان ڏينهن کانپوءِ پٽجي چڪي آهي. راڻو دڪانن تي دونهين (بام) ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ پاليندو هو. سندس جهڳيءَ ۾ ساڻس گڏ هڪ 4 سالن جو ۽ هڪ 6 سالن جو پٽ گڏ هوندو هو، جيڪي سڄو ڏينهن ان جهڳيءَ ۾ پناهه ۾ هوندا هئا ۽ شام جو راڻي جي اچڻ کانپوءِ ساڻس گڏ راند روند ڪندا هئا. راڻي جي گهرواري ڪجهه عرصو گڏ رهڻ کانپوءِ پنهنجن مائٽن ۾ ٽنڊوالهيار رهڻ شروع ڪيو ۽ ٻار راڻي حوالي ڪري ڇڏيا. خدا ڄاڻي ڇو ماءُ پنهنجي اولاد کانسواءِ ئي هلي وئي، ان خبر هوندي به ته هو اڪيلا ٿي پوندا.
رمضان مهيني جا شروعاتي ڏينهن هئا، راڻي جا ٻئي ٻار شام ڌاري پنهنجيءَ پيءُ جو انتظار ڪري رهيا هئا، انتظار ۾ ڏينهن رات ۾ تبديل ٿي ويو، راڻي جي جهڳي وچ ميدان تي اڪيلي هئي، 2 ٻار پيءُ جو انتظار ڪندي پنهنجي جهڳيءَ ۾ سمهي پيا، صبح دڪاندارن سان پنهنجيءَ پيءُ جي نه اچڻ جي شڪايت سندس 6 سالن جي وڏي پٽ ڪئي، جنهن تي دڪاندارن ٻنهي ٻارن کي ماني کارائي ۽ راڻي جو حال احوال وٺڻ شروع ڪيو، ٻي رات به اڪيلي ٻارن جو پيءُ نه پهتو ۽ دڪاندارن ٻارن جي حفاظت ڪئي، کين کاڌو ڏنو.
نيٺ ڪبوترين جي هڪ فرد دڪاندارن کي ٻڌايو ته راڻي کي ڪجهه ماڻهن پوليس لاڪ اپ ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ جواز ڄاڻايو ويو ته راڻو پنهنجي پٽ کي الله ٿو چوي، پوليس راڻي کي ٻن ڏينهن تائين لاڪ اپ رکيو، جيستائين دڪاندارن کي پڇا ڳاڇا ۾ خبر پئي ته اهي ٿاڻي تي پهتا، جن پنهنجي ذاتي ضمانت تي پيءُ کي اولاد سان ملايو. منهنجي راڻي جي واپسي کانپوءِ ساڻس ملاقات ٿي، کانئس مون واقعي بابت پڇيو ته توهان اهڙي ڳالهه ڇو ڪئي، جنهن تي هن مون کي ٻڌايو ته مان اهڙي ڳالهه ڪرڻ ته پري جي ڳالهه سوچي به نٿو سگهان، مون صرف پنهنجي ٻچڙن جي معصوميت جي ڳالهه ڪئي، سندس مطابق ته منهنجو هڪ پٽ چرڙيو آهي، جيڪا ڳالهه هو سمجهي نه سگهيا ۽ مارڪٽ ڪرڻ بعد پوليس حوالي ڪيو ويو. بحرحال ان ڏينهن راڻو پنهنجي جهڳي ڇڏي هليو ويو، ڪيڏانهن ويو ڪا خبر ناهي. ڌڻي کيس ۽ سندس ٻارڙن کي پنهنجي امان ۾ رکي.
هن مختصر ڪهاڻي جو مقصد ايترو هو ته راڻو ته ٻه راتين لاڪ اپ ۾ رهيو، کيس لاڪ اپ ڪرائيندڙ دوست جي ان ڳالهه جي سڌ رکن ها ته سندس 2 معصوم پٽ جيڪي اڃا ٺيڪ ڳالهائڻ به نه سکيا، جيڪي هلڻ به نه ڄاڻين سي ميدان ۾ اڏيل اڪيلي جهڳيءَ ۾ 2 راتيون اڪيلا سمهندا، جتي ڪتن جا به هجوم هوندا، جيڪي ڏينهن رات گهمندا وتندا هئا، اهي ٻار ڪنهن جانور جي ور چڙهي سگهن پيا ته ضرور کيس لاڪ اپ ڪرائڻ سان گڏوگڏ انسانيت جي ناتي پوليس وارن کي اهو پڻ چون ها ته سندس پونئيرن سان جلد ملي وٺو، اهو ته شڪر دڪاندارن ٻارن کي اڪيلو ڏسي پڇا ڳاڇا ڪري وڃي وارثي ڪئي، اهو ته دڪاندارن جون مهربانيون جن نه رڳو ٻئي ڏينهن کان وٺي نه رڳو ٻارن جي حفاظت ڪئي، پر کين کاڌو پڻ ڏيندا رهيا.
سماج ۾ اسان کي ڪوبه قدم کڻڻ کان اڳ سوچڻ گهرجي ته ڇا اسان جي ان قدم سان ڪو وڏو ممڻ ته نه مچي ويندو، يا ڪنهن هڪ فرد جي پٺيان ڪي اهڙا فرد وڏي مصيبت ۾ پوندا، جن جو اسان اندازو ئي نٿا لڳائي سگهون، اسان مان ڪوبه نه چاهيندو ته ڪنهن جو به ٻچو ائين راتين جو ڪتن جي وچ ۾ جهڳيءَ ۾ اڪيلي سمهي، راڻي جهڙي ڪردارن کي پڻ خيال رکڻ گهرجي ته هو ڪابه ڳالهه ڪرڻ کان اڳ ضرور سوچين ته ڇا سندن ڳالهه ڪنهن ڌر جي دل ته نه ڏکائيندي ۽ جي اها ڳالهه مذهب سان سلهاڙيل هجي ته اسان کي وڌيڪ محتاط ٿيڻ گهرجي ڇو ته سڀني مذهبن جو احترام اسان تي لازم ٿئي ٿو.
ڦهلڏيون واقعي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي افسوس به هوندو ۽ اميد ڪجي ٿي ته اهڙا واقعا سنڌ ۾ نه ٿين، اسان هڪٻئي جو احترام ڪيون، ان ڪري اسان مختلف مذهبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي ان ڳالهه جو پڻ خيال رکڻ گهرجي ته اسين پنهنجي مذهبي ڪتابن ۽ ورقن کي محفوظ جاءِ تي رکون ته جيئن خدا نه خواهسته ڪابه مقدس لکڻي غير مناسب هنڌ تي نه وڃي، سنڌ امن پسند ڌرتي آهي ۽ اوهان ۽ اسان ان کي مذهبي هم آهنگيءَ سان پر امن رکنداسين ته هوند اسان جا نسل اسان تي فخر ڪندا رهندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.