بدين ڀرسان هانءُ ڏاريندڙ روڊ حادثو…. ڪيترائي واپاري اجل جو شڪار

بدين(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ضلعي بدين ۾ مال جا 7 واپاري هڪ ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا.

مني ٽرڪ ۾ سوار واپاري جڏهن بدين ڪراچي روڊ جي ڀرسان بس اسٽاپ کوراوهه پهتا ته انهن جي ٽرڪ تيز رفتاري جي ڪري حادثي جو شڪار ٿي پئي.

حادثي جي نتيجي ۾ مٺي ٽائون جي ڀرسان ڳوٺ سگهرو جوڻيجا سان تعلق رکندڙ محمد حسن جوڻيجو ۽ غلام رحيم جوڻيجو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا جڏهن ته ٻين 7 کي زخمي حالت ۾ اسپتال اماڻيو ويو.

جاويد، نيڪ محمد، قربان، اياز ۽ وليجي ڀيل کي بدين، سجاول ۽ حيدرآباد جي مختلف اسپتالن ۾ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پهچايو ويو هو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا.

اسپتالن ۾ دم ڌڻي حوالي ڪندڙن جو تعلق اسلام آباد جي ڪوٽ پڃارو سان هو.

واپاري مال وڪرو ڪرڻ بعد ڪراچي کان واپس پنهنجي گهرن ڏانهن وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ هو حادثي جو شڪار ٿي ويا.

حادثي ۾ زخمي ٿيل 4 ماڻهن کي اسپتالن ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.