”آغا سراج 1 ارب 4 ڪروڙ جي بي نامي ملڪيت ٺاهي“

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري نيب جي ريفرنس جي ڪاپي حاصل ڪئي وئي آهي.

قومي احتساب بيورو ( نيب ) جي ريفرنس موجب آغا سراج دراني هڪ ارب چار ڪروڙ رپين جي بي نامي ملڪيت ٺاهي، آغا سراج دراني جي گهرواري جي نالي تي ڪراچي ۽ ايبٽ آباد ۾ جائيداد خريدي وئي.

آغا سراج بي نامي ملڪيت جي خريداري ۾ ذاتي سرڪاري ملازمن جو استعمال ڪيو.

ريفرنس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آغا سراج دراني جي بي نامي ملڪيت ٺاهڻ ۾ ذوالفقار علي ڏاهر جو اهم ڪردار آهي، ذالفقار علي ڏاهر کي نوٽيس جاري ڪيو ويو پر هو پيش نه ٿيو.

ريفرنس موجب ذوالفقار علي ڏاهر کي ڊيپوٽيشن تي سنڌ اسيمبلي ۾ مقرر ڪيو ويو ، جوابدار ذوالفقار علي ڏاهر آغا سراج دراني جا سمورا مالي معاملا سنڀاليندو هو.

آغا سراج دراني جي ڊرائيور منور علي جي نالي تي ملڪيتون خريد ۽ وڪرو ڪيون ويون، آغا سراج دراني جي گن مين طفيل احمد شاهه کي به بي نامي ملڪيت جي خريداري ۾ استعمال ڪيو ويو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.