اسلام آباد ۾ مڪاني ادارن جي نمائندن کي اختيار ڏيڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي گادي واري هنڌ جي مڪاني نمائندن کي اختيار ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله چئن صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد انتظاميه مڪاني نمائندن جي مشوري کانسواءِ ترقياتي ڪم نه ڪرايا ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد مڪاني نمائندن کي اختيار ڏيڻ جي حڪم تي عمل ڪري. لکت فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته چيئرمين يونين ڪائونسل جي مرضي کانسواءِ ترقياتي ڪم نه ٿو ٿي سگهي، ترقياتي ڪم يونين ڪائونسل چيئرمينن جي نگراني هيٺ ڪرايون وڃن. عدالت باره ڪهو سان لاڳاپيل واٽر سپلاءِ اسڪيم کي به يونين ڪائونسل چيئرمين حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.