حڪومت قانون جي حڪمراني ۽ عدليه جي آزادي تي يقين رکي ٿي: فردوس عاشق

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان جي سڌ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مسلم ليگ ن ادارن ۽ قانون جو احترام پنهنجي مرضي ۽ سهولت موجب ڪندي رهي. ٽوئٽر تي هڪ بيان ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته تحريڪ انصاف ملڪ ۾ عدليه جي آزادي ۽ قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ جي جدوجهد جو هميشه هر اول جٿو رهي آهي ۽ رهندي. هن چيو ته مسلم ليگ ن ادارن ۽ قانون جو احترام پنهنجي مرضي ۽ سهولت موجب ڪندي رهي آهي. هن چيو ته ن ليگ جي متوالن جو سپريم ڪورٽ تي حملو تاريخ جو ڪارو ترين ۽ شرم جوڳو واقعو آهي، عدليه جي توهين ۾ مون کي ڇو ڪڍيو ويو جو نعرو گهٽي گهٽي ۾ قوم جي ذهنن ۾ اڃا تازو آهي، مسلم ليگ ن ڪنهن کي بيوقف بڻائي رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.