آمريڪي رياست ورجينيا ۾ فائرنگ، 12 ڄڻا مارجي ويا

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي رياست ورجينيا ۾ سرڪاري عمارت ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.  پرڏيهي خابرو اداري موجب فائرنگ جو واقعو ورجينيا شهر جي سرڪاري عمارت ميونسپل سينيٽر ۾ گذريل شام چار وڳي پيش آيو جتي اڳوڻي ملازم انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ علائقي کي مڪمل طور سيل ڪيو ويو، زخمي ماڻهن کي فوري طور طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو جنهن ۾ 6 پوليس اهلڪار شامل آهن. برطانوي خابرو اداري بي بي سي موجب حملو ڪندڙ پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ مارجي ويو جنهن جي سڃاڻپ ظاهر نه ڪئي وئي آهي. پوليس اختيارين موجب حملو ڪندڙ پارڪنگ طرف بيٺل ڪجهه ماڻهن کي نشانو بڻايو جڏهن ته ٻين جو سرڪاري عمارت جي ٽنهي فلورن تائين پيڇو ڪيو. آمريڪي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو نهايت خوفناڪ آهي، جيڪو هڪ وار زون طور بهتر بيان ٿي سگهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.