حڪومت جو عوام کي عيد تي مهانگائي جو تحفو، پيٽرول 4 رپيا 26 پئسا مهانگو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت عيد کان اڳ عوام تي هڪ ٻيو مهانگائي بم ڪيرائيندي تيل جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. ناڻي وزارت جي بيان موجب پيٽرول جي اگهه ۾ 4 رپيا 26 پئسا ليٽر  اضافو ڪيو ويو آهي.

پيٽرول جو نئون اگهه 112 رپيا 68 پئسا ليٽر ٿي ويو آهي، ڊيزل جي اگهه ۾ 4 رپيا 50 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي.

 لائٽ ڊيزل جي اگهه ۾هڪ  رپيو 68 پئسا ۽ گاسليٽ جي اگهه ۾ هڪ رپيو 69 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي.

ايف بي آر موجب پيٽرول ۽ ڊيزل تي سيلز ٽيڪس جي شرح 13 سيڪڙو، گاسليٽ ۽ لائٽ ڊيزل تي جي ايس ٽي جي شرح 17 سيڪڙو ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.