ورلڊ ڪپ ۾ اڄ  2 ميچون کيڏيون وينديون، نيوزلينڊ جو سريلنڪا ۽ آسٽريليا جو افغانستان سان مقابلو

ڪارڊف ( ويب ڊيسڪ  ) 12 هين آءِ  سي سي ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ۾ (اڄ ) ڇنڇر تي 2 ميچون کيڏيون وينديون .

پهرين ميچ ۾ نيوزيلنڊ ۽ سريلنڪا جون ٽيمون مقابلو ڪنديون جڏهن ته ٻئي  ميچ ۾ دفاعي چيمپئين آسٽريليا ۽ افغانستان جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون.

عالمي ڪپ 2019ع جي ٽئين ميچ اڄ پاڪستاني وقت موجب منجهند اڍائي وڳي نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا وچ ۾ صوفيه گارڊنز ڪارڊف ۾ کيڏي ويندي.

جڏهن ته چوٿين ميچ پاڪستاني وقت موجب شام ساڍي پنجين وڳي ڪائونٽي گرائونڊ برسٽل ۾ ٿيندي جنهن ۾ افغانستان جي ٽيم آسٽريلوي ٽيم سان مهاڏو اٽڪائيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.