او آءِ سي کي ڪشمير ۽ فلسطين جي مظلوم عوام جو ساٿ ڏيڻ گهرجي: وزيراعظم

مڪو شريف ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪشميرين ۽ فلسطنين جي آزادي واري جدوجهد کي دهشتگردي سان جوڙي نه ٿو سگهجي، او آءِ سي ڪشمير ۽ فلسطين جي مظلوم عوام جو ساٿ ڏي. او آءِ سي جي سربراهه اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اسلام فوبيا ۽ دهشتگردي سبب سڀ کان وڌيڪ نقصان مسلمانن کي پهتو آهي، اولهه اڃا تائين اسلام جي غلط تصوير پيش ڪري رهيو آهي، ڪو به مذهب انساني قتل ۽ دهشتگردي جي اجازت نه ٿو ڏي، اسلام جو دهشتگردي سان ڪو تعلق ناهي، اولهه جي دنيا مسلمانن جي جذبن جو خيال ڪري، دنيا کي اسلام فوبيا مان ٻاهر نڪرڻو پوندو، مسلم دنيا جي قيادت اولهه جي دنيا کي قائل ڪري، نيوزيلينڊ واقعي ثابت ڪيو ته دهشتگردن جو ڪو به مذهب ناهي، ڪو مسلمان دهشتگردي ۾ ملوث هجي ته اسلامي دهشتگرديءَ جو نالو ڏنو ويندو آهي، نائين اليون کان اڳ گهڻي قدر آپگهاتي حملا تامل باغين ڪيا، اهڙن حملن جو ڪنهن هندو مذهب سان تعلق نه جوڙيو، دهشتگردي کي اسلام کان الڳ ڪرڻو پوندو. هن چيو ته نائين اليون کانپوءِ ڪشميرين ۽ فلسطنين تي ظلم ڪيا ويا، او آءِ سي ڪشمير ۽ فلسطين جي مظلوم عوام جو ساٿ ڏي، مسلم سياسي جدوجهد کي دهشتگردي جو ليبل ڏيڻ درست ناهي،ڪشميرين ۽ فلسطينين جي آزادي جي جدوجهد کي دهشتگردي سان نه ٿو جوڙي سگهجي. سندس چوڻ هو ته ڪشمير ۾ مسلمانن تي ظلمن جي لهر وڌي رهي آهي، ڪشميري آزادي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، او آءِ سي ڪشمير جي مسئلي کي گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ڪرائي. سندس چوڻ هو ته  اسرائيل دهشتگردي کي معصوم فلسطينين خلاف استعمال ڪيو،  بيت المقدس فلسطينين جي گادي وارو هنڌ آهي ۽ گولان کي فلسطين جو حصو هئڻ گهرجي. وزيراعظم عمران خان چيو ته جڏهن ڪو اسلام جي پيغمبر جي توهين ڪري ٿو ته اها اسان جي ناڪامي آهي، اسان کي اولهه کي ٻڌائڻ گهرجي ته پيغمبر جي توهين تي اسان کي ڪيترو ڏک ٿيندو آهي، يهودين دنيا کي ٻڌايو ته هولو ڪاسٽ جي غلط تشريح سان کين ڏک ٿيندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.