نالائق ۽ ووٽ چور حڪومت عوام تي مڙهي ويندي ته روز بري خبر ئي ملندي: مريم اورنگزيب

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته پئٽرول جو 4 رپيا 26 پئسا مهانگو ٿيڻ نالائق ۽ نااهل وزيراعظم جي ايڊوانس عيدي جي قسط آهي.

پيٽروليم وارين شين جي اگهن ۾ واڌ تي مريم اورنگزيب پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته جڏهن ته نالائق ۽ ووٽ چور حڪومت عوام تي مڙهي ويندي آهي هر ڏينهن بري خبر ٻڌڻ لاءِ ملندي آهي.

عيد کان اڳ ڪجهه ڏينهن پهريان پيٽرول جي اگهه ۾ واڌ عوام سان دشمني برابر آهي، ملڪ کي آءِ ايم ايف وٽ گروي رکيو ويندو ته هر ڏينهن عوام کي اهڙو ئي تحفو ملندو.

مريم اورنگزيب چيو ته پيٽرول جو 4 رپيا 26 پئسا مهانگو ٿيڻ نالائق ۽ نااهل وزيراعظم جي ايڊوانس عيدي جي قسط آهي. 9 مهينن ۾ پيٽرول، گئس ۽ بجلي جي اگهن ۾ تاريخي واڌ عوام جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي.

پيٽرول ۽ ڊيزل جي مهانگي ٿيڻ سان مهانگائي جي سونامي ۾ وڌيڪ واڌ ٿيندي. نالائق ۽ نااهل وزيراعظم جو بار 22 ڪروڙ عوام کڻي رهيو آهي. اهڙي نالائقي، نااهلي بي حسي جي سوالن جا جواب نه هئڻ جي ڊپ کان عمران صاحب پارليامنٽ جو اجلاس هلڻ ناهي ڏيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.