وزيراعظم جي سعودي ولي عهد سان ملاقات

مڪو شريف ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان سعودي ولي شهزادي محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي .

وزيراعظم عمران خان جي سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سان ملاقات ۽ او آءِ سي اجلاس جي موقعي تي سائيڊ لائن تي ٿي.  ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن ٻه طرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

سعودي ولي عهد محمد بن سلمان وزيراعظم عمران خان جو پرجوش آجيان ڪئي جڏهن ته وزيراعظم عمران خان مهمان نوازي تي سعودي ولي عهد جو شڪريو ادا ڪيو .

ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفن سياسي، اقتصادي ۽ تجارتي لاڳاپن جي موجودا صورتحال جو جائزو ورتو، ٻنهي اڳواڻن سعودي ولي عهد جي فيبروري 2019ع تي پاڪستان جي دوري دوران ڪيل فيصلن تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو،  جڏهن ته وزيراعظم عمران خان سعودي حڪومت طرفان اوڌر تي تيل ڏيڻ واري سهولت فراهم ڪرڻ تي به شڪريو ادا ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.