” ورلڊ ڪپ : پاڪستان انگلينڊ کان به هارائي ويندو“

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان برينڊن ميڪلم اڳڪٿي ڪئي آهي ته انگلينڊ خلاف رٿيل ميچ ۾ هار پاڪستاني ٽيم جو مقدر بڻجندي.

اڳوڻي ڪيوي ڪپتان هڪ ڀيرو وري اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته پاڪستان انگلينڊ کان ميچ هارائي ويندو.

هن اڳ ڪٿي ڪندي چيو ته پاڪستاني ٽيم کي ميگا ايونٽ ۾ پنجن ميچن ۾ ڪاميابي جڏهن ته چئن ميچن ناڪامي ملندي.

برينڊن ميڪلم وڌيڪ اڳ ڪٿيون ڪندي چيو آهي ته عالمي ڪپ ۾ انگلينڊ، آسٽريليا ۽ ڀارت انگلينڊ

کان هارائي ويندو.

هن چيو ته آسٽريليا 6 گروپ ميچون کٽي ٽئين سيمي فائنلسٽ ٽيم هوندي. افغانستان سريلنڪا کي هارائي ايونٽ جو اپ سيٽ ڪندو جڏهن ته چوٿين سيمي فائنلسٽ ٽيم جو فيصلو رن ريٽ جي بنياد تي ڪيو ويندو.

ويسٽ انڊين ٽيم آسٽريليا کي شڪست ڏيندي جڏهن ته نيوزيلينڊ، پاڪستان، ويسٽ انڊيز ۽ ڏکڻ آفريڪا مان هڪ ٽيم رن ريٽ جي بنياد تي سيمي فائنل کيڏندي.

ياد رهي ته اڳوڻي ڪيوي ڪپتان ان کان اڳ پاڪستان جي ويسٽ انڊيز هٿان شڪست جي اڳڪٿي ڪئي هئي جيڪا سچ ثابت ٿي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.