رپورٽ: ڪوٽڏيجي: بيت المقدس جي آزادي لاءِ حسيني امام بارگاهه ڪنب مان ريلي

عوامي آواز رپورٽ
ڪوٽڏيجي: بيت المقدس جي آزادي لاءِ حسيني امام بارگاهه ڪنب مان ريلي
عوامي آواز رپورٽڪوٽڏيجي: بيت المقدس جي آزادي لاءِ حسيني امام بارگاهه ڪنب مان ريلي

ڪوٽڏيجي شهر ۾ بيت المقدس جي آزادي لاءِ ۽ اسرائيل جي ظلمن خلاف حسيني امام بارگاهه ڪنب مان ريلي ڪڍي وئي.

ڪارڪنن صدر شيعه رابطا ڪائونسل ضلع خيرپور سيد جعفر علي شاھ  جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي.

ريلي شاهي بازار کان ٿيندي مهراڻ نيشنل هائي وي تي پهتي جتي جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي.

ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو تھ  اسرائيل کي آمريڪا جي پٺڀرائي حاصل آهي جنهن کان بيت المقدس جو قبضو ختم ڪرائي سک جو ساھ کڻنداسين.

هنن چيو تھ  فلسطين جي هڪ انچ زمين تي به نسل پرست اسرائيل جو قبضو برداشت نه ڪنداسين، فلسطين ۽ بيت المقدس تي ڪابه سودي بازي قبول ناهي.

سندن چوڻ هو تھ پاڪستانين پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي ته بيت المقدس سميت فلسطين جي هڪ به انچ زمين تي اسرائيل جو قبضو قبول ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.