ناٽنگهم ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ پي سي بي ڪرڪيٽ ڪميٽي جي ميمبر وسيم اڪرم سرفراز اليون کي ويسٽ انڊيز خلاف جارحاڻي ۽ بي خوف ڪرڪيٽ کيڏڻ جو مشورو ڏنو آهي.
پاڪستاني ٽيم اڄ عالمي ڪپ ۾ پهرين ميچ اڄ ويسٽ انڊيز خلاف ناٽنگهم جي ٽرينٽ برج اسٽيڊيم ۾ کيڏندي جنهن لاءِ تياريون مڪمل ٿي چڪيون آهن.
اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ويسٽ انڊيز خطرناڪ ٽيم آهي ۽ ان وجهڙائي ۾ ئي ان جو ثبوت به ڏنو آهي، ويسٽ انڊيز جهڙي ٽيم سان مقابلو ڪرڻ لاءِ پاڪستان کي بي خوف ٿي کيڏڻو پوندو .
هن چيو ته پاڪستان کي اڄ ويسٽ انڊيز خلاف جارحاڻي ۽ بي خوف ڪرڪيٽ کيڏڻ گهرجي.
وسيم اڪرم چيو ته عالمي ڪپ ۾ فخر الزمان مان اميدون آهن، هاڻ کيس ذهانت جو مظاهرو ڪرڻو پوندو ڇو جو هو ڪافي عرصي کان کيڏي رهيو آهي، مخالف ٽيمن کي خبر پئجي وئي آهي ته فخر کي ڪيئن منهن ڏيڻو آهي، جڏهن ته پرستار چون ٿا ته سندس بيٽ ڪڏهن هلي ٿو ته ڪڏهن نه، ڇو جو سندس اسٽائيل ئي اهڙو آهي.
ويسٽ انڊيز خلاف 12 رڪني اسڪواڊ بابت وسيم اڪرم جو چوڻ هوته جن ٻارنهن رانديگرن جو اعلان ڪيو اهو سٺو ڪامبينيشن آهي.
هن وڌيڪ چيو ته فائينل اليون ۾ آصف علي جو هئڻ ضروري آهي ڇاڪاڻ ته هو سٺو هارڊ هٽر آهي، جنهن جي ٽيم کي ضرورت آهي.
اڳوڻي ڪپتان چيو ته پاڪستان ظاهري طور مضبوط ٽيم ناهي، کيس فائينل فور تائين اچڻ لاءِ گهڻي محنت ڪرڻي پوندي اميد آهي ته ٽيم سيمي فائينل تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيندي.