ورلڊ ڪپ 2019، ڪير ڪيتري پاڻي ۾ آ؟

سرمد سولنگي

ڪرڪيٽ جو ٻارهون عالمي ميلو اڄ کان انگلينڊ ۽ ويلز ۾ شروع ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ ڏهه ٽيمون ميزبان، انگلينڊ، پاڪستان، ڀارت، سريلنڪا، بنگلاديش، آسٽريليا، نيوزيلينڊ، ڏکڻ آفريڪا ويسٽ انڊيز ۽ افغانستان جون ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن.  هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ فارميٽ تي ٻڌل ميگا ايونٽ ڪُل 48 مئچون کيڏيون وينديون.  انگلينڊ جي ڏهن شهرن جا يارنهن ميدان مقابلن جي ميزباني ڪندا. جيڪڏهن ڪرڪيٽ عالمي ڪپ ۽ انگلش سرزمين جي تاريخ تي نظر ڊوڙائي وڃي ته ته ڪرڪيٽ جي بانين جو ديس ويسٽ انڊيز لاءِ ٻه ڀارت ۽ آسٽريليا لاءِ هڪ، هڪ ڀيرو ڀاڳ وارو ثابت ٿيو آهي، ڄاڻايل ٽيمون گورن جي ديس ۾ پنهنجي ملڪ لاءِ عالمي اعزاز ” ورلڊ ڪپ “ حاصل ڪري چڪيون آهن.

 

ڪرڪيٽ جو ٻارهون عالمي ڪپ ڪهڙي ديس جي نالي ٿيندو؟  ۽ ڪير ايندڙ چئن سالن لاءِ ڪرڪيٽ جي دنيا تي حڪمراني ڪندو؟ اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو ته پر ايونٽ ۾ شرڪت ڪندڙ هر ٽيم جي اها خواهش هوندي ته هن دفعي اهو تاج اسان کي حاصل ڪرڻو آهي.  عالمي ڪپ جي تاريخ به مثالي رهي آهي ، سريلنڪا پاڪستان خلاف ورلڊ ڪپ جي ستن ميچن ۾ ناڪام رهيو ۽ پاڪستان 46 ورهين کان عالمي ڪپ ۾ ڀارت کي هارائڻ لاءِ جتن ڪري رهيو آهي ( عالمي ڪپ ۾ پاڪستان ڀارت خلاف کيڏيل ڇهن ئي ميچن ۾ ناڪامي جو منهن ڏٺو آهي).  هاڻ اچو ٿا ورلڊ ڪپ جي ٽيمن ڏانهن ته ڪير ڪيتري پاڻي ۾ آهي.

 

ميزبان انگلينڊ

 

انگلينڊ گذريل چئن ورهين کان بنا ڪنهن شڪ جي هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ جي فارميٽ ۾ ڪامياب ترين ۽ ”خطرناڪ مخالف“ ٽيم رهي آهي، ۽ انگلش ٽيم عالمي ڪپ جي ميزبان پڻ آهي، جڏهن ته ٽيم ڪارڪردگي ۾ رڌم، گهرو ماحول ۽ پرستارن جي سپورٽ ته سوني تي سهاڳي وارو ڪم ڏيندي. آئن مورگن جي اڳواڻي ۾ کيڏندڙ ٽيم کي بهترين رانديگرن جون خدمتون حاصل آهن. 11 عالمي ڪپ کيڏندڙ انگلينڊ پنجون ڀيرو عالمي ڪپ جي ميزباني ڪري رهيو آهي جيڪو هڪ غير معمولي ۽ وڏو اعزاز آهي. ميزباني جي واڌو سپورٽ ۽ ٽي دفعا عالمي ڪپ جا فائينل کيڏڻ باوجود هيءَ ٽيم اڃا تائين عالمي چيمپيئن نه بڻجي سگهي آهي. انگلش ٽيم آخري ڀيرو 1992ع جي عالمي ڪپ فائينل ۾ ڪواليفائي ڪيو هو.  جتي کيس پاڪستاني ٽيم هٿان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو.

 

 

ڀارت

ٻي پوزيشن تي موجود ڀارتي ٽيم پڻ عالمي ڪپ لاءِ فيورٽ ٽيمن منجهان هڪ آهي، ڀارتي ٽيم جي پڻ گذريل چئن ورهين کان ڪارڪردگي شاندار رهي آهي، ڀارت ٽيم ون ڊي ڪرڪيٽ جي شروعاتي دور ۾ 1983ع جي عالمي ڪپ ۾ لڳاتار ٻه ڀيرا چيمپيئن رهندڙ ۽ تنهن دور ۾ خوف جي علامت سجهي ويندي ” ڪاري طوفان “ جي نالي سان مشهور ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي شڪست ڏني هئي،  ۽ اٺ سال اڳ ڏکڻ ايشيا ۾ ٿيندڙ عالمي ڪپ ۾ سريلنڪن ٽيم کي هارائي ٻيون ڀيرو ورلڊ چيمپيئن بڻجڻ جو اعزاز ماڻيو هو.  اُن ٽيم جا ڪجهه ميمبر هن عالمي ڪپ جو به حصو آهن.  آسٽريليا کان پوءِ ويسٽ انڊيز ۽ ڀارت کيٻه،  ٻه ڀيرا عالمي ڪپ کٽڻ جو اعزاز حاصل آهي،  جيڪو ڪنهن ٻئي ملڪ وٽ ناهي.  اتفاق سان ڀارت ايندڙ عالمي ڪپ 2023 جو ميزبان پڻ آهي، ڀارت کي ڇهه ڀيرا سيمي فائينل کيڏڻ جو اعزاز حاصل آهي. ٽيم انڊيا ٽي سيمي فائينل کٽيا آهن، جن مان به ڀيرا ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو ۽ 2003ع ۾ ڪينگروز هٿان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. جيڪڏهن هڪ ڏينهن واري فارميٽ ۾ سمورن ٽيمن جي رانديگرن مان ٽاپ ڏهن رانديگرن جي چونڊ ڪئي وڃي ته ورات ڪوهلي، روهت شرما ۽ ايم ايس ڌوني پهرين جوڙ ۾ شامل هوندا. ورات ڪوهلي جي هن ٽيم کي به عالمي ڪپ لاءِ موسٽ فيورٽ قرار ڏنو پيو وڃي.


پاڪستان

1992ع جي عالمي ڪپ جي فاتح 20 ورهيه اڳ انگلينڊ جي سرزمين تي ٿيندڙ ورلڊ ڪپ جي فائنلسٽ پاڪستاني ٽيم موجودا عالمي ڪپ لاءِ ڪنهن به ٽيم يا تجزيه نگار لاءِ ڪيتري خطرناڪ آهي، ان جواب ۾ آئون رڳو ائين چوندس ته جنهن ٽيم لاءِ چيو پئي ويو ته عالمي ڪپ ۾ شرڪت لاءِ ڪواليفائنگ رائونڊ کيڏيندي تڏهن ان چيمپيئنز ٽرافي کٽي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو هو، هي ٽيم آخري چيمپيئنز ٽرافي به کٽي وئي ۽ ڪواليفائنگ رائونڊ کيڏڻ بنا عالمي ڪپ لاءِ ڪواليفائي به ڪري وئي.اتفاق سان ٽيم جو انگينڊ ۾ ريڪارڊ پڻ زبردست رهيو آهي،  گرين شرٽس چيمپيئنز ٽرافي کٽرائيندڙ ڪپتان سرفراز احمد جي قيادت ۾ عالمي ڪپ ۾ حصو وٺي رهي آهي، ٽيم کي يارنهن ورلڊ ڪپ کيڏڻ جو اعزاز حاصل آهي. ان سان گڏوگڏ وري پاڪستاني ٽيم ان پنجن ملڪن مجهان هڪ آهي جيڪي عالمي ڪپ کٽي چڪيون آهي.2011ع ۾ سيمي فائينل تائين محدود رهندڙ ٽيم کي ان کان اڳ 2003ع 2007ع جي عالمي ڪپ مقابلن ۾ پهرين مرحلي ۾ گهر واپس موٽڻو پيو هو. گرين شرٽس جي گذريل چئن ورهين جي ڪارڪردگي مليل جليل رهي پر آخري ٻارنهن هڪ ڏينهن وارن مقابلن ۾ ٽيم رڳو هار جو منهن ئي ڏٺو آهي. ٻه عالمي ڪپ کيڏندڙ ٽيم لاءِ هن ڀيري مرحلو به ڏکيو ضرور آهي پر ناممڪن ناهي.

دفاعي چيمپيئن آسٽريليا

پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪندڙ آسٽريلوي ٽيم جو ذڪر ڪجي ته هن ٽيم کي عالمي ڪپ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ پنج ڀيرا چيمپيئن رهڻ جو اعزاز حاصل آهي، سڀ کان وڌيڪ 84 ميچن سڀ کان وڌيڪ ڪاميابين حاصل ڪرڻ جو منفرد ريڪارڊ به هن ٽيم وٽ ئي آهي.  ڪينگرو کي هڪ انوکو اعزاز اهو به حاصل آهي ته هن ڪڏهن به سيمي فائينل ناهي هارايو، آسٽريليا بنا ڪنهن شڪ هن دفعي فيورٽ ته ناهي. پر هي هڪ سال جي پابندي کان پوءِ ٽيم ۾ واپسي ڪندڙ اڳوڻي اسٽيو سمٿ ۽ ڊيوڊ وارنر جي اچڻ سان هن ٽيم کي به فيورٽ نه سهي هڪ خطرناڪ حريف قرار ڏئي سگهجي ٿو.

 

 

ڏکڻ آفريڪا

 آءِ سي سي جي رينڪنگ ۾ چوٿين نمبر تي موجود ڏکڻ آفريڪي ٽيم به گذريل چئن ورهين کان تسلسل سان ڪرڪيٽ کيڏيندي اچي پئي. هن ٽيم پهريون ڀيرو 1992ع جي عالمي ڪپ ۾ حصو ورتو هو، ستن عالمي ڪپ جي مقابلن ۾ چار ڀيرا سيمي فائينل جو اعزاز حاصل ڪرڻ باوجود ٽيم فائينل لاءِ ڪواليفائي ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. ڏکڻ آفريڪي ٽيم مان به اميدون ڪري سگهجن ٿيون،  پر ڇا ڪجي ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ ان ٽيم کي ” چوڪرز “  به چيو ويندو آهي!

نيوزيلينڊ

 

گذريل عالمي ڪپ جي رنر اپ رهندڙ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ جي تاريخ به گهڻي پراڻي آهي، سمورا عالمي ڪپ کيڏندڙ هن ٽيم کي آسٽريليا کان پوءِ ايونٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ 79 ميچون کيڏڻ جو اعزاز حاصل آهي،  ٽيم ميگا ايونٽ جي تاريخ ۾ آسٽريليا سان گڏيل طور تي سڀ کان وڌيڪ ست سيمي فائينل کيڏڻ جو اعزاز به رکي پئي، سيمي فائينل جي تاريخ جي ناڪام ترين ٽيم به رڳو ڪيوي ٽيم ئي آهي، بليڪ ڪپس ڇهه دفعا سيمي فائينل ۾ هار جو مزو چکي چڪي آهي.

سريلنڪا

 

1996ع ۾لاهور جي تاريخي قذافي اسٽيڊيم ارجنه رنا ٽنگا جي قيادت ۾ تڏهوڪي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي هٿان پهريون ڀيرو عالمي ڪپ جي ٽرافي پنجن هٿن ۾ کڻندڙ ٽيم سريلنڪا جي ون ڊي ڪارڪردگي آئي ڏينهن خراب کان خراب ٿيندي پئي وڃي، هيءَ ٽيم هاڻ ڪرڪيٽ جي معيار تي به پورو نٿي لهي، جيڪڏهن هارائڻ تي اچي ٿي ته افغانستان کان به هارائي وڃي ٿي ۽ کٽڻ تي اچي ٿي ته آفريڪا کي به مات ڏئي ڇڏي ٿي. 2003ع 2007،   کان 2011ع تائين هڪ سيمي فائينل ۽ ٻه فائينل کيڏڻ جو اعزاز حاصل ڪندڙ ٽيم ٻه ڀيرا رنر اپ جو ٽائيٽل ماڻي چڪي آهي.

بنگلاديش

 

1999ع کان عالمي ڪپ ۾ حصو وٺندڙ بنگلاديشي ٽيم به ميگا ايونٽ ۾ ڪيئي دفعا حيران ڪري ڇيڏيندڙ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي. پنهنجي پهرين ايونٽ ۾ پاڪستان خلاف يقين نه ڪرڻ جوڳي ڪاميابي حاصل ڪري عالمي ڪرڪيٽ کي ڏندي آڱريون ڏيندڙ ٽيم، عالمي ڪپ ۾ وڏا اپ سيٽ ڪرڻ باوجود اڃا تائين عالمي حڪمران بڻجڻ جي اعزاز کان محروم آهي،  ۽ شايد اڃا کيس وڌيڪ انتظار ڪرڻو پئي. 

ويسٽ انڊيز

 

شروعاتي ٽن ورلڊ ڪپ جي فائينلسٽ ۽ ٻه ڀيرا عالمي چيمپيئن رهندڙ ويسٽ اينڊيز ٽيم آءِ سي سي رينڪنگ ۾ نائين پوزيشن آهي ته هيءَ ٽيم به پنهنجي ماضي جي شاندار ريڪارڊ جي ابتڙ بدترين دور مان گذري رهي آهي. جيتوڻيڪ ٽيم سينيئر آل رائوندر ڪرس گيل ۽ آندري ريل جي واپسي ٿي آهي ٽيم ان پوزيشن ۾ ناهي جو عالمي ڪپ کٽي سگهي، جڏهن ته ڪرڪيٽ باءِ چانس پڻ ۽ جڏهن ويسٽ انڊين رانديگر فل موڊ ۾ هجن تڏهن ناممڪن کي ممڪن بڻجڻ ۾ دير ناهي لڳندي.

افغانستان

 

 افغانستان جي ٽيم لاءِ عالمي ڪپ کٽڻ هڪ خواب آهي، پر ان باوجود به ان ٽيم لاءِ اهو اعزاز ئي ڪافي آهي اها ٽيم ورلڊ ڪپ کيڏي رهي آهي، نوجوان رانديگرن تي ٻڌل ٽيم جنهن افغانستان کي هڪ الڳ سڃاڻپ ڏني آهي، محدود اورن ۾ مسلسل تسلسل سان پرفارمنس ڏيکاريندي پئي اچي . افغانستان ٽيم 9 عالمي ڪپ ۾ 57 ميچون کيڏندڙ ٽيم زمبابوي جي جڳهه تي عالمي ڪپ ۾ شرڪت ڪري رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.