مهانگائي ۽ عيد، سنڌ ۾خريداري بدران خودڪشيون

عنايت پيرزادو

عيد عربي ٻولي جو لفظ آهي جنهن معنيٰ آهي خوشي پر سنڌ جي ستايل عوام کي اها هڪ ڏينهن جي خوشي به نصيب نه پئي ٿئي، گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سنڌ جون حالتون غريب ۽ بي پهچ عوام لاءِ ڪنهن به ريت تسلي بخش ناهن رهيون، مهانگائي، بک، بدحالي ۽ بيروزگاري کان ويندي انفرااسٽرڪچر جي تباهي، سهولتن جي کوٽ، پاڻي جي اڻهوند، جبري گمشدگين ۽ وسيلن جي ڦرلٽ سميت انيڪ انيائن جو شڪار سنڌ واسي عيد خوشين کان به محروم آهن.

روزا رند رکن، عيد نه اوڏا ڪاپڙي

عيد جا ڏينهن ويجهو ايندي ئي سڄي دنيا ۾خريداري وڌي ويندي آهي ۽ بازارن ۾رش ٿي ويندي آهي پر سنڌ جي صورتحال ان جي بلڪل ابتڙ آهي، وڌندڙ مهانگائي غريب عوام کان عيد جون خوشيون کسي ورتيون آهن، مختلف شهرن ۾بازارون ويران آهن جڏهن ته غربت کان تنگ ٿي خودڪشيون ڪرڻ جا واقعا پڻ وڌي ويا آهن، اهڙيون خبرون روزانو رپورٽ ٿي رهيون آهن، جيڪا صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، تازو ئي جاتي جي ڳوٺ حسن ڊئو ٻوهريو ۾نوجوان جوڙي شبانا ۽ محمد بوهريو غربت تان تنگ ٿي ڦاهو کائي خودڪشي ڪئي آهي، جيڪو واقعو سنڌ جي بدحاليءَ جي عڪاسي ڪري ٿو.

موت قبوليو تن، ڏٺو جن ڏکي کي

گذريل حڪومت خلاف روڊن تي ڌرڻا هڻي کير جون نديون وهائڻ جون دعوائون ڪندڙ تبديلي سرڪار جي اقتدار سنڀالڻ کي اڃا ڪجهه مهينا ئي مس ٿيا آهن جو پئٽرول، گئس ۽ بجلي جون قيمتون ٽي ٽي ڀيرا وڌايون ويون آهن، پر حڪومت اڃا به مهانگائي وڌائڻ جا اشارا ڏئي رهي آهي ۽ وزير تيل جون قيمتون 2 سئو رپين تائين وڌائڻ جو ڳالهيون ڪري رهيا آهن، جيڪي خبرون ٻڌي غريب عوام جي پريشانين ۾ويتر اضافو ٿي رهيو آهي، تبديلي سرڪار مثبت تبديلي آڻڻ ۾مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي پر مهانگائي جي تبديلي آڻڻ ۾ڪامياب ضرور ٿي آهي، ۽ غريب عوام خريداري جي قوت وڃائي ويٺو آهي.

پسيو بازارون، هينئڙو مون لوڻ ٿيئي

هٿرداو مهانگائي خلاف مخالف ڌر سميت سموريون سياسي سماجي ڌريون سراپا احتجاج بڻيل آهن، سندن چوڻ آهي ته ڪشڪول ڀڃڻ جا اعلانڪندڙ تبديلي سرڪار آءِ ايم ايف کان ڳرين شرطن تي قرض وٺي قوم کي مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ڦاسائي ڇڏيو آهي، سراپا احتجاج بڻيل غريب عوام جي آهن ۽ دانهن جو مٿن ڪو به اثر نه پيو ٿئي، سڄي دنيا ۾جنهن علائقي مان قدرتي وسيلا گئس، تيل، بجلي پيدا ٿئي ٿي انهن علائقن کي اها سهولت رائلٽي جي مد ۾مفت ڏني ويندي آهي پر سنڌ ۾ٿر جي ڪوئلي مان ٺهندڙ بجلي، گهوٽڪي ۽ سيوهڻ سميت مختلف علائقن مان نڪرندڙ گئس اتان جي رهواسين کي ڏني ته نٿي وڃي پر ان جا اگهه به ٽيڻا ڪيا ويا آهن، جنهن ڪري عوام جي عيد پاڻي پاڻي ٿي وئي آهي.

پورهيت طبقي سان لاڳاپيل ماڻهن جو چوڻ آهي ته مهانگائي سندن چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، هو ٻچن ۽ خاندان کي عيد ڪرائڻ لاءِ پريشان آهن، ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن، لٽن، جوتن ۽ سلائي سميت هر شيءَ جا اگهه ٻيڻا ڪيا ويا آهن، ڪو عيد جي ڪپڙن لاءِ پريشان آهي ته ڪنهن وٽ وري ان جي سلائي جا پئسا ناهن، ڪنهن ٻارن لاءِ جوتا ناهن ورتا ته ڪير وري اباڻي علائقي ۾عيد ڪرڻ لاءِ ڪرائي لاءِ پريشان آهن، وڌندڙ مهانگائي غريب طبقي لاءِ عيد خوشي بدران ڏکن جو سامان بڻجي وئي آهي، هو ٻچن جي پيٽ گذر لاءِ ئي ايترو پريشان جو عيد کائن عيد جون خوشيون ئي وسري ويون آهن.

بکئي کل نه اڄهي، ڏکي ڏمر ناھه،

اگھاڙي وھانءُ، ويو ويچاري وسري.

نئون پاڪستان ٺاهڻ جي دعويدار تبديلي سرڪار کي گهرجي ته وڌندڙ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻي غريب عوام کي رليف فراهم ڪري، ان سان گڏوگڏ مخالف ڌر سميت سمورن سياسي سماجي ۽ سڄاڻ ڌرين جو به فرض بڻجي ٿو ته وڌندڙ مهانگائي واري اهم مسئلي جو نوٽيس وٺي، ستايل عوام جي تڪليفن جي پورائي لاءِ لائحه عمل جوڙين ۽ سنڌ جي ستايل عوام جا ڏک گهٽائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن، جيئن سنڌ جو پيڙهيل طبقو حقيقي معنيٰ ۾عيد ڪري سگهي ۽ عيد ويجهو اچڻ تي خودڪشين جا وڌندڙ واقعا رڪجي سگهن ۽ سنڌ واسي سک جو ساهه کڻن.

ڪنهن ڪنهن اڱڻ اڻ ڪڻا، ڀون نسوري بک،

ڪهڙا ڪهڙا مون ڏٺا، تن ڏوکيئڙن جا ڏک،

سنڌ نه سنڀري سک، اڀري سج لهي ويا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.