سينيئر صحافي ادريس بختيار لاڏاڻو ڪري ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صحافي ادريس بختيار مختصر عرصو بيمار رهڻ کانپوءِ ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

ادريس بختيار ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي يونين آف جرنلسٽ جي افطار پارٽي ۾ شرڪت لاءِ پريس ڪلب ويو هو، جتان واپسي تي دل ۾ تڪليف جي دانهن تي کيس اين آءِ سي وي ڊي نيو ويو، جتي هو 3 ڏينهن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ علاج هيٺ رهيو ۽ اڄ رات سوا اٺين وڳي لاڏاڻو ڪري ويو.

ادريس بختيار جي لاڏاڻي جو ٻڌي صحافتي برادري ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي آهي، سندس جنازي نماز فجر جي نماز کانپوءِ گلشن اقبال وسيم باغ ۾ ادا ڪئي ويندي.

ادريس بختيار پنهنجي صحافتي ڪيريئر جي شروعات حيدرآباد کان ڪئي، جنهن کانپوءِ هو ڪراچي هليو ويو آيو، جتي هن ڪجهه عرصو مقامي خابرو ايجنسي ۾ رپورٽر طور ڪم ڪيو ۽ پوءِ ڊگهي رپورٽنگ ڪيريئر ۾ ڪيترين ئي مقامي اخبارن سان سلهاڙيل رهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.