انضمام الحق ۽ مڪي آرٿر کي هٽائڻ واريون خبرون بي بنياد قرار

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پي سي بي چيف سليڪٽر انضمام الحق ۽ هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر کي عهدن تان هٽائڻ جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته بورڊ ان چيف اهڙين سمورين خبرن جي ترديد ڪري ٿو، جن ۾ چيو ويو آهي ته ورلڊ ڪپ کان پوءِ چيف سليڪٽر ۽ هيڊ ڪوچ کي فارغ ڪيو ويندو.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته پي سي بي سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي اڳ ئي واضح ڪري ڇڏيو هو ته چيف سليڪٽر، هيڊ ڪوچ ۽ مددگار اسٽاف جي مستقبل جو فيصلو عالمي کانپوءِ ڪيو ويندو، ان موقف ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي وئي.

پي سي بي ڀارتي نيوز ايجنسي پريس ٽرسٽ آف انڊيا (پي ٽي آءِ) جي خبر کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو ته مقامي ميڊيا به بنا تصديق اها خبر هلائي ڇڏي، هن وقت مداح ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم کي سپورٽ ڪري رهيا آهن ۽ ان صورتحال ۾ اهڙي قسم جون خبرون اچڻ پاڪستاني ٽيم جي ايونٽ ۾ مهم کي متاثر ڪرڻ جي هڪ ڪوشش آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ رانديگرن، چيف سليڪٽر ۽ هيڊ ڪوچ سميت ٽيم جي سموري مددگار اسٽاف تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته انتظاميا طرفان اهم عهدن ۾ تبديلي جي حوالي سان ڪو فيصلو ناهي ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.