نريندر موديءَ جي ٻيهر واپسي ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن جو سوال

زلف پيرزادو

هندستان جي چونڊن ۾ نريندر مودي هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي آهي ۽ سڀاڻي وزيراعظم طور ٻيهر قسم کڻي رهيو آهي. مودي جيئن ئي ڪاميابي ماڻي ته پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان پهرين سوشل ميڊيا تي ۽ وري ٽيليفون ڪري موديءَ کي مبارڪ ڏني اهو ڄڻ ته پاڪستان جو خيرسگالي پيغام هو ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي خواهش جو اظهار هو.

عالمي ميڊيا ۾ اها خبر شدَمَد سان هلي رهي آهي ته پاڪستان ته هاڪاري اڳڀرائي ڪئي پر موٽ ۾ ڪا اڳڀرائي ته نظر نه آئي پر نريندر مودي جي سڀاڻي وزيراعظم طور قسم کڻڻ واري تقريب ۾ مختلف ملڪن جي سربراهن ۽ وزيراعظمن کي شرڪت جي دعوت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي پر ان سان گڏ پاڪستان جي وزيراعظم کي دعوت نه ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي اهڙي خبر اچڻ کانپوءِ اهو تاثر اڀريو آهي ته مستقبل ۾ پاڪ- ڀارت لاڳاپن ۾ ڪا اهم ۽ تڪڙي تبديليءَ جا امڪان نه آهن. ياد رهي ته ان کان اڳ جڏهن نريندر مودي وزيراعظم چونڊيو هو ته قسم کڻڻ واري تقريب ۾ پاڪستان جي ان وقت جي وزيراعظم نوازشريف کي به ڪوٺ ڏني وئي ۽ نوازشريف شرڪت ڪئي هئي موٽ ۾ نوازشريف کي شديد تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو هو ۽ نوازشريف کي نريندر موديءَ جو دوست قرار ڏئي شديد قسم جا الزام مڙهيا ويا هئا.

هندستان ۾ عام چونڊن دوران اهي تجزيا هلي رهيا هئا ته نريندر مودي سخت گير انتهاپسند آهي ان ڪري کيس چونڊن ۾ ڪا خاص ڪاميابي نه ملندي پر انهن تجزين جي ابتڙ مودي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي آهي، موديءَ جي ٻيهر وزيراعظم ٿيڻ ۽ پاڪستان جي وزيراعظم کي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت جي دعوت نه ڏيڻ هڪ ڀيرو ٻيهر ڏکڻ ايشيا ۾ امن بابت ڪيترائي سوال ۽ خدشا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. ڇو ته پاڪ- ڀارت جي عوام جي ترقيءَ لاءِ ڏکڻ ايشيا ۾ مستقل امن جي گهرج آهي.

هاڻي ڏسجي ته نريندر مودي ٻيهر وزيراعظم جو منصب سنڀالڻ کانپوءِ ڪهڙيون پاليسيون جوڙي ٿو. جيڪڏهن هندستان مان غربت ۽ بيروزگاري جو خاتمو آڻي عوام کي خوشحال ڪرڻ چاهي ٿو ته پوءِ کيس ڏکڻ ايشيا ۾ مستقل امن لاءِ قدم کڻڻا پوندا خاص طور پاڪستان سان پر امن ۽ دوستاڻا لاڳاپا قائم ڪرڻا پوندا. اهڙين پاليسين سان پاڪستان مان به غربت ۽ بيروزگاريءَ جو خاتمو ايندو ۽ عوام ترقي ڪري سگهندو. جيڪڏهن نريندر موديءَ ماضيءَ وانگر انتهاپسنديءَ کي هٿي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوءِ عوامي خوشحاليءَ جون دعوائون ڌوڙ ٿي وينديون. جنگي جنون وڌندو نتيجي طور ڏکڻ ايشيا خاص طور پاڪ- ڀارت جو عوام هن جديد دور ۾ به ڳنڀير مسئلن مان نڪري نه سگهندو پاڪستان ۽ ڀارت جو عوام تڏهن ئي ترقي ڪري سگهي ٿو جڏهن پاڪ- ڀارت حڪومتن ۾ دوستاڻا لاڳاپا هجن ٻنهي ملڪن ۾ وڻج واپار جو ماحول هجي، هاڻ وقت پري نه آهي.

سڀاڻي نريندر موديءَ جي قسم کڻڻ واري تقريب ۾ سندس لهجي ۽ ٻولي مان واضح ٿي ويندو ته ڪهڙو دڳ وٺڻ ٿو چاهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.