نيب چيئرمين خلاف مهم پئي هلائي وڃي….

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي چيو آهي ته نيب چيئرمين جاويد اقبال جي خلاف منصوبي جي تحت مهم هلائي پئي وڃي.

تفصيل موجب ميڊيا سان ڳالهائيندي پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته نيب جي چيئرمين خلاف مهم هلائيندر اصل ۾ متماز قومي اداري ۽ ملڪ سان دشمني ڪري رهيا آهن.

پرويز الاهي جو چوڻ هو ته نيب چيئرمين بااصول، ايماندار، باوقار ۽ مضبوط شخصيت جو مالڪ آهي، هن خلاف مهم هلائيندڙ غلط فهمي ۾ نه رهن.

پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر وڌيڪ چيو ته جسٽس (ر) جاويد اقبال قومي احتساب بيورو کي مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو، هن هر قومي ذميواري ۾ عزت ۽ همت جو مظاهرو ڪيو.

پرويز الاهي جو چوڻ هو ته مادر وطن ۽ قومي ادارن جا دمشن ماضي جيان ناڪام ٿيندا ۽ منهن ڀَر ڪرندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.