پيڙهيل عوام وفاق طرفان ٻئي تحفي لاءِ تيار ٿي وڃي….

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پهرين جون کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 12 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي.

تفصيل موجب عيد تي حڪومت طرفان عوام کي مهانگائي جو هڪ ٻيو تحفو ملڻ وارو آهي ۽ پهرين جون کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 12 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب پيٽروليم ذوين جو چوڻ آهي ته پهرين جون کان پيٽرول جي قيمتن ۾ ساڍا 9 رپيا في ليتر، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 11 رپيا 50 پيسا لائٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 7 رپيا 85 پيسا ۽ گاسليٽ به 12 رپيا في ليٽر مهانگو ٿيڻ جا امڪان آهن.

ذريعن موجب قيمتن ۾ واڌ جي سمري 30 مئي تي ناڻي واري وزارت ڏانهن موڪلي ڏيندي ۽ نوان اگهه وزير اعظم سان ڳالهين کان پوءِ لاڳو ٿيندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.