بدين ۾ روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي

بدين   (ويب ڊيسڪ) بدين  مورجھر شاخ ڀرسان تيز رفتاري سبب ڪار ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٽريزري آفيس جو هڪ ملازم ٿڏي تي فوت جڏهن تھ ٻھ زخمي ٿي پيا آهن.

 اڪائونٽ آفيس بدين جا ٽي ڪلارڪ ڪراچي کان  بدين اچي رهيا هئا ته اوچتو گاڏي ڪنٽرول مان نڪري وئي ۽ جنهن سبب حادثو پيش آيو

حادثي ۾ نور محمد بليدي  فوت ٿي ويو جڏهن تھ  شھزاد ۽ شير محمد سخت زخمي ٿي پيا جن کي  انڊس اسپتال بدين داخل ڪيو ويو آهي.

ٻڌايو پيو وڃي تھ ٽريزري آفيس بدين ڊيوٽي تي ايندڙ فوتي سميت ٻن زخمين جو واسطو ڪراچي سان آهي.

ٻڌايو پيو وڃي تھ حادثو ڊرائيور کي ننڍ جو جهوٽو  اچڻ سبب پيش آيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.