رپورٽ: عمرڪوٽ: حضرت علي جي شهادت وارو ڏهاڙو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

عوامي آواز رپورٽ
عمرڪوٽ: حضرت علي جي شهادت وارو ڏهاڙو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي
عوامي آواز رپورٽعمرڪوٽ: حضرت علي جي شهادت وارو ڏهاڙو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

سڄي دنيا جيان عمرڪوٽ ۾ بھ حضرت علي ڪرم الله وجهه جي شهادت جو ڏهاڙو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي.

حضرت علي رضه الله تعٰلي جي شهادت واري ڏهاڙي جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس پنج پير امام بارگاهه کان ڪڍيو پيو وڃي.

مرڪزي ماتمي جلوس ڪيهرن جو پڙ، نبن سرڪار، شاهي بازار، حيدري امام بارگاهه، انب جو پڙ، موتي چوڪ کان ٿيندو مارڪيٽ چوڪ تي پهچي نهر ٿيندو.

ماتمي جلوس جي سيڪورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن ، 200 پوليس اهلڪار ۽ رينجرس جا جوان ڊيوٽي جا فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن.

عمرڪوٽ جلوس ڏانهن ايندڙ ويندڙ  سمورن  رستن کي مڪمل سيل ڪيو ويو آهي، ماتمي جلوس واري مُک روڊ پنج پير امام بارگاهه تي موٽرسائيڪل هلائڻ تي مڪمل پابندي آهي..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.