وڌندڙ مهانگائي ۽ آءِ ايم ايف سان معاهدن خلاف مظاهرا، سرمائيدارن تي سڌا ٽئڪس لڳايا وڃن :سنڌ پروگريسو ڪاميٽي

ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندا ) معاشي ڦُرلٽ، وڌندڙ مهانگائي ۽ آءِ ايم ايف جي ڳرن ٽئڪسن عيوض کنيل قرضن جو بار عوام مٿان وجهڻ خلاف سنڌ پروگريسو ڪميٽي طرفان سنڌ جي سمورن ڊويزنل هيڊڪوارٽرن ۾احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ان سلسلي ۾مليل ڄاڻ موجب ڪراچي ۾جسم چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو، اياز چانڊيو، عثمان بلوچ، نثار شاهه، انعام عباسي، حيدرآباد ۾ڪنوينر پارٽي عوامي جمهوري پارٽي جي جنرل سيڪريٽري خادم ٽالپر، هاشم کوسو، لطيف لغاري، ڪامريڊ اقبال، وشنو مل، نظير قريشي، زاهده ڏاهري، سکر ۾عاشق چاچڙ،  شائسته کوسو، ضياءُ ڀٽي، امداد چاچڙ،مالڪ کوسو، لاڙڪاڻو ۾ ڀائو درمحمد ٻرڙو، خان غفار خان، ذوالفقار بروهي، انور ڏنگڙائي، نور سولنگي ۽ گلاب پيرزادو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ موري ۾ڪارڪنن ڪامريڊ يونس راهو، خالد ٻگهيو، منظور خاصخيلي ۽  ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو  ڪيو، مختلف هنڌن تي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته حڪمرانن پاران عوام مٿان روزانو مهانگائي جا ڊرون حملا ڪيا پيا وڃن ۽ غير ضروري ٽئڪس لڳائي ڊالر جو اگهه وڌائي پورهيت عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي. هنن چيو ته ڊالر جو اگهه وڌڻ ڪري پيٽرول، گئس، بجلي ۽  عام واهپي جون ٻاهران گهرايل سمورين شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن، جيڪي عام ماڻهن جي پهچ کان گهڻو مٿي ٿي ويون آهن. هنن چيو ته گذريل 71 سالن جي تاريخ ۾ حڪمران طبقن جيڪي به ٻاهران قرض حاصل ڪيا آهن، ان جو وڏو حصو ڪرپشن ذريعي ملڪ کان ٻاهر کڻي پنهنجون ذاتي ملڪيتون ٺاهيون ويون آهن ۽ هاڻي انهن جو وياج ۽ قرض جون قسطون غريب عوام کان وصول ڪيون پيون وڃن. هنن چيو ته موجوده حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب غريب طبقو ڏينهون ڏينهن غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي پر اقتدار ۾ ويٺل واڳ ڌڻي مسڪين طبقي جي ڀلائي لاءِ ڪي به منصوبا ناهن ڏئي سگهيا، جنهن ڪري عام ماڻهو موجوده حڪمرانن جي غلط پاليسين مان بيزار ٿي چڪو آهي. هنن چيو ته مهانگائي جي ٻوڏ سبب عام ماڻهو هڪ ويلو ماني کائڻ لاءِ پريشان آهي، حڪمرانن کي گهرجي ته عوام جي ڀلائي لاءِ مختلف پروگرام ترتيب ڏئي مهانگائي جي شرح کي گهٽايو وڃي. سنڌ پروگريسو ڪميٽي مطالبو ڪري ٿي ته وفاق جا ۽ دفاعي خرچ 50 سيڪڙو گهٽايا وڃن ۽ ڪمپنين، ڪارخانن ۽ سرمائيدارن تي سڌا سوان ٽيڪس لڳايا وڃن اڻ سڌن ٽيڪسن جو غريب عوام تي بار نه وڌي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.