اسلام آباد (بيورو) چين جي نائب صدر وانگ ڪشان جي دوري دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار جي يادداشت تي صحيحون ڪيون. چين جي نائب صدر وانگ ڪشان اعليٰ سطح جي وفد سان گڏ ٽن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهتو جتي ايئرپورٽ تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ منصوبابندي واري وزير خسرو بختار استقبال ڪيو. چيني نائب صدر جي اعزاز ۾ ايوان صدر ۾ هڪ خاص تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ صدر عارف علوي معزز مهمان کي اعليٰ ترين سول اعزاز نشان پاڪستان سان نوازيو. وانگ ڪشان اسلام آباد ۾ فرينڊز آف سلڪ روڊ سيمينار ۾ شرڪت ڪئي. ان کانپوءِ چين جو نائب صدر وزيراعظم هائوس پهتو جتي وزيراعظم عمران خان مهمان جو استقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ۾ وفدن جي سطح تي ملاقات ٿي. جنهن بعد پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت نامن تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان ۽ چين معاشي، ٽيڪنيڪي معاملن ۽ ڊزاسٽرمينجمينٽ جي شعبن ۾ سهڪار جي اهم معاملن تي صحيحون ڪيون.3304