خيرپور ۾شاگردياڻي سان استاد جي ساٿين سميت اجتماعي ڏاڍائي، ڪيس داخل

خيرپور/سکر/سوڀوديرو (نمائندا) خيرپور جي ڪچي واري علائقي جي ٿاڻي ٽيپاڻي بهليم جي حد جي ڳوٺ محمد علي چني ۾اين جي اوز جي سهڪار سان هلندڙ خانگي اسڪول ۾پڙهندڙ چوٿين درجي جي شاگردياڻي ”ج“ولد ”ع“چنا کي سندس ئي اسڪول جي استاد ممتاز ولد منٺار علي چنا ۽ سندس ساٿين پاران جنسي ڏاڍائي ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس ٽيپاڻي بهليم ٿاڻي تي متاثر شاگردياڻي جي والد عاشق علي چنه جي فرياد تي تحت داخل ڪئي وئي آهي. داخل ڪرايل فرياد ۾ متاثر شاگردياڻي جي والد موقف اختيار ڪيو آهي ته سندس چوڏنهن ورهين جي نياڻي فاطمه کي استاد ممتاز چنو اسڪول ۾شام جي وقت ڌوڪي سان گهرائي پنهنجي ساٿي جوابدارن سان گڏجي سندس نياڻي سان جنسي ڏاڍائي ڪئي. اهڙو واقعو پهرين مئي تي پيش آيو. سندن مٿان خاموش رهڻ لاءِ سخت دٻاءُ هيو. نيٺ هنن اهو فيصلو ڪيو ته جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ لاءِ هو ايف آءِ آر ضرور داخل ڪرائيندو. هن چيو ته جوابدار بااثر آهن، جيڪي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، نوٽيس وٺي تحفظ ڏنو وڃي، ٻي طرف چوٿين درجي جي شاگردياڻي جنسار فاطمه سان زيادتي جو ايڊيشنل آءِ جي ڊاڪٽر جميل احمد ۽ ڊي آءِ جي اقبال دارا نوٽيس وٺڻ بعد ايس ايس پي خيرپور کي فوري ڪاروائي جو حڪم ڏنو، ايس ايس پي طرفان متاثره شاگردياڻي جي ڳوٺ پهچي انصاف جو يقين ڏياريو، متاثر شاگردياڻي جي کي ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ اسپتال روانو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گرفتار جوابدار جو به ميڊيڪل ڪري جاچ شروع ڪري ڏني آهي. هوڏانهن سوڀوديرو جي صحافين جي ٽيم ڪچي جي علائقي ڳوٺ عبدالله چنا پھتي جتي متاثر ڇوڪري جي ڏاڏي امين چنو  ٻڌايو ته ماستر ممتاز چنو ڪجھه ڏينھن اڳ نياڻي کي وٺڻ آيو ته اسڪول جا آفيسر آيا آھن، اسان مردن جي غير موجودگي ۾ اسان نياڻي کي وٺي وڃي اسڪول اندر زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ ان کي نشو يا زھريلي دوا کارائي، ڳولا بعد اسان جي نياڻي سنڌ گرين پبلڪ اسڪول مان بيھوشي جي حالت ۾ ملي جتي  جوابدار اسان کي ڏسي  اسان کي ھٿيارن جي زور تي ڌمڪيون ڏئي فرار ٿي ويا، ٻي طرف  الزام ھيٺ آيل ماستر ممتاز چنو جي وارثن حاجي محمد بخش چنو ۽ لونگ چنو ٻڌايو ته الزام ڪوڙا آھن، اسان جو ڇوڪري واري ڌر سان پراڻو تڪرار ھلندڙ آھي، الزام لڳڻ بعد اسان نيڪ مردن غلام اڪبر چنا ۽ محمد بخش چنا ڏي وياسون ته فيصلي جي تاريخ مقرر ڪيو، جن تاريخ ڏيڻ بدران علائقي جي ڪجھه ٻين زميندارن کي گھرائي اسان تي 9 لک رپيا ڏنڊ رکيو اسان دانھون ڪيون ته ڏنڊ گھڻو آھي جن ان بعد چيو ته 7 لک ڏنڊ ڏيو اسان اھڙو فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.