ايڇ آءِ وي /ايڊز، مرض، احتياط ۽ علاج

حسن پٺاڻ

حصو آخري

جئين ته ان کان اڳ ايڇ آءِ وي/ايڊز جي مرض جي حوالي سان ته اهو ڪئين ٿو ڦهلجي،انهي جو بچاءُ ڪئين ڪجي، هاڻي ان جي علاج جي حوالي سان آگاهي ڏيندا هلون ان کان پهريان اهيو ٻڌائڻ ضروري آهي ته ايڇ آءِ وي /ايڊز جو وائرس انساني جسم، رت جي بوتل يا سرنج کان ٻاهر گهڻي دير تائين زندهه ناهي رهي سگهندو 2 کان 6 منٽن تائين اهيو وائرس مري ويندو آهي. ايڇ آءِ وي وائرس 60 سينٽي گريڊ گرمي پد کان مٿي به مري ويندو آهي، ايڇ آءِ وي وائرس  عام رواجي زندگي جي وهنوار ۾ هيٺين سبب ۾ ناهي وچڙندو، جن ۾ هٿ ملائڻ، ملڻ جلڻ ۽ سماجي تعلق رکڻ سان وائرس متاثر شخص جي ٿانون، ڪپڙن، ٽوال، صابڻ وغيره جي استعمال سان ناهي لڳندو. مڇر، مک، کٽمل يا ڪنهن جيت جي ڏنگڻ سان ايڇ آءِ وي وائرس ناهي منتقل ٿيندو، ايڇ آءِ وي /ايڊز جي مريض کي ڇهڻ، چمي ڏيڻ، ڀاڪر پائڻ ان جي سارسنڀار لهڻ يا هڪڙي ئي پليٽ ۾ گڏ کائڻ، گڏ ويهڻ يا مريض سان گڏ سمهڻ سان به ناهي وچڙندو، آفيس ۾ گڏ ڪم ڪرڻ، ڪنهن ڪمري ۾ گڏجي ويهي ڪچهري ڪرڻ، بس، ريل گاڏي يا جهاز ۾ سفر ڪرڻ سان به هي وائرس ٻي فرد ۾ داخل ناهي ٿيندو، گڏيل غسل خانون (حاجت جي جاءِ ) سئمنگ پول استعمال ڪرڻ سان هي وائرس ناهي وچڙندو اهڙي طرح کنگهه، نزلو زڪام ۽ ڇڪ اچڻ سان به جي وائرس ٻي شخص ۾ منتقل ناهي ٿيندو.

ايڇ آءِ وي /ايڊز جي حوالي سان قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي ميمبر جي پڇيل سوال تي ٻڌايو ويو هو ته پاڪستان ۾ ايڊز جي رجسٽرڊ مريضن جو تعداد 23 هزار کان وڌيڪ آهي، جڏهن نيشنل ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي مطابق پاڪستان ۾ ايڊز جو شڪار ماڻهن جو تعداد 1 لک 65 هزار جي لڳل ڀڳ آهي، جن مان صرف 23 هزار 7سئو 57 ماڻهن مختلف سينٽرن تي پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرايو آهي ۽ قومي اسيمبلي ۾ صرف رجسٽرڊ مريضن جو ئي تعداد ٻڌايو ويو، جڏهن ته 1 لک 40 هزار ماڻهن جي باري ۾ ڪا معلومات ئي ناهي، نيشنل ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي رپورٽ مطابق 5 هزار کان وڌيڪ اهڙا مريض رجسٽرڊ آهن، جيڪي انجيڪشن ذريعي نشي آور سيون هڻڻ سبب مرض ۾ مبتلا ٿيا، قومي اسيمبلي ۾ ايڊز جي مريض جي انگ اکرن جي باري ۾ سوال پ پ جي شازيا مري ڪيو هو. جنهن جي جواب ۾ ٻڌايو ويو ته 18  هزار 2 سئو 20 مرد، 4 هزار 170 عورتون، ان کان علاوع ٻارن جو تعداد جن ۾ 5 سئو 64 (ڇوڪرا) ۽ 4 سئو 26 ( ڇوڪريون ) ۽ 3 سئو 79 کدڙا فقير شامل آهن، قومي اسيمبلي ۾ صحت جي وزارت جي طرفان جيڪو قومي اسيمبلي ۾ تحريري جواب ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ 35 سينٽر قائم ٿيل آهن جن ۾ علاج مريضن جو علاج ٿي رهيو آهي.

پاڪستان ۾ بيمارين ۽ ان جي علاج جي حوالي سان جائزو وٺبو ته اسان جي ملڪ ۾ پوليو، ٿيليسيميا، ٽي بي ۽ هيپاٽائٽس جي مرضِن جو خاتمو به ممڪن نه ٿي سگهيو آهي، 2018 ع ۾ به پوليو جي مريضن جو انگ 12 هو، 2019 ع جي جنوري ۾ 4 نوان ڪيس ظاهر ٿيا هئا، هلندڙ سال مئي تائين 15 پوليو جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جيڪڏهن هڪ به پوليو جو مريض موجود هوندو ته ان مرض جي پاڙ نه پٽي سگهبي، پوليو جي حوالي سان دنيا جي ملڪن پاڪستان ۾ سفري سهولتن جي حوالي سان پوليو ويڪسئين سرٽيفڪيٽ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي طرح هيپاٽائٽس جو موذي مرض به ختم نه ٿي سگهيو آهي سرڪاري طور تي هيپاٽائٽس جا ضلعي سطح تي علاج جون سهولتون ڏئي مريض کي ڪورس ڪرايا پيا وڃن پر هاڻي ته هيپاٽائٽس بيماري جي ڄاڻ لاءِ پي سي آر واري رپورٽ جي سهولت ختم ڪئي وئي آهي، جنهن جي  رپورٽ تي مريضِ کي 18 کان 28 سئو رپين تائين خرچ اچي ٿو، هيپاٽائٽس جا بي پهچ مريض مهانگو علاج نه ڪرائي سگهڻ سبب عطائين ڊاڪٽرن ۽ حڪيمن جي ورچڙهي موت جي منهن ۾ هليا وڃن ٿا، جڏهن ته  فاطميد فائونڊيشن ٿيليسيما جي مرض جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته پاڪستان ۾ 1 ڪروڙ ماڻهو ٿيلسيميا جو شڪار آهن، جن ۾ 20 هزار ٻار هوميوفيليا جو شڪار آهن، جڏهن ته ٽي بي جي حوالي سان 2018 ع ۾ سنڌ جي 29 ضلعن ۾ 74 هزار 5سئو 24 ڪيس ظاهر ٿيا، سنڌ ۾ ٽي بي جي مرض کي ڪنٽرول ڪرڻ جي حوالي سان مجموعي طور تي 3سئو 82 سينٽر قائم ٿيل آهن جن مان 2سئو 9 سرڪاري اسپتالن ۾ قائم آهن ۽ ٽي بي جو علاج به مفت ڪيو ويندو آهي جيڪو 6 کان 18 مهينا هلندو آهي.

پاڪستان ۾ ايڇ آءِ وي /ايڊز کي روڪڻ جي حوالي سان 1987 ع ۾ نيشنل ايڊز پروگرام شروع ڪيو ويو، جيڪو گڏيل قومن ۽ غيرسرڪاري تنظيمن جي تعاون سان مختلف پروگرام ترتيب ڏئي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ اهڙِي طرح صوبائي ايڊز ڪنٽرول پروگرام پڻ قائم ٿيل آهن، ايڊز کي روڪڻ جي حوالي سان اسٽريٽجڪ فريم ورڪ تحت کي هن موذي مرض کي روڪڻ لاءِ ايڇ آءِ وي وائرس جي اسڪريننگ، آگاهي مهم هلائڻ ۽ سينٽر قائم ڪري مفت علاج ۽ سهولتون ڏيڻ شامل آهي، جيڪي اسلام آباد ۾ 4 مرڪزي سينٽر ڪم ڪري رهيا آهن، پنجاب ۾ 18، خيبرپختونخواهه ۾ 6، بلوچستان ۾ 6 ۽ آزاد ڄموڪشمير ۾ 2، سنڌ ۾ 21 اسپتالن ۾ معلومات، ڄاڻ، اسڪريننگ ۽ ڪائونسلنگ جو سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٿيون، جڏهن ته علاج جا مرڪزي سينٽر سول اسپتال ڪراچي، انڊس اسپتال ڪورنگي ڪراسنگ ڪراچي، آغا خان اسپتال ڪراچي، چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال لاڙڪاڻو، اين آءِ سي ايڇ ڪراچي ( ٻارن جي اسپتال) سول اسپتال نواب شاهه، سول اسپتال سکر سميت 11 سينٽر ڪم ڪري رهيا آهن، جتي  ايڇ آءِ وي /ايڊز جي مريضن کي مفت علاج جون سهولتون ڏنيون وڃن ٿيون. سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي اڳوڻي سربراهه ڊاڪٽر يونس چاچڙ ٻڌايو ته 2006 کان پوءِ جئين ئي دوا آئي ته سنڌ ۾ 2 سينٽرن مان وڌائي 11 سينٽر قائم ڪيا ۽ ايڇ آءِ وي ٻارن جي حوالي سان آغاخان اسپتال ڪراچي ۾ ٻارن جي علاج جو سينٽر قائم ڪيو، سندس چوڻ هو ته عطائي ڊاڪٽر ۽ غير مستند بلڊ بينڪن خلاف سخت ڪارروائي ڪري ان وائرس جي ڦهلجڻ کان بچاءُ ڪري سگهجي ٿو.عوام ۾ وائرس کان بچاءُ لاءِ آگاهي مهم ضروري آهي ته جئين هر ماڻهو تائين اهيا ڳالهه پهچي سگهي ته ان وائرس کان پاڻ کي ڪئين بچائڻو آهي، لاڙڪاڻي جي رتيديري تعلقي ۾ ايڇ آءِ وي وائرس جون رپورٽون پازيٽو اچڻ کان پوءِ وزيراعظم جي صحت جي خاص معاون ڊاڪٽر ڊاڪٽر ظفر مرزا پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو تہ سندس درخواست تي صحت جي عالمي اداري ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي 10هن ميمبرن تي مشتمل ٽيم متاثر علائقن جو دوري ڪندي، جيڪا ايڇ آءِ وي/ايڊز جي مرض جي ڦهلاءَ جا سبب جو تعين ڪرڻ ان جي تدارڪ ۽ علاج جو جائزو وٺي سفارشون مرتب ڪندي. جڏهن تہ رتيديري تڪ جي چونڊيل نمائيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پڻ تڪ جو دورو ڪيو، جنهن علاج جي سهولتن جو جائزو ورتو، جتي مريضن جي وارثن ۽ صحافين علاج جي اڻپوريون سهولتن جون دانهون ڪيون. ان کان علاوه ساڃاھ وند ڊاڪٽرن جي ٽيم پڻ رتيديري ۽  ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ عوام ۾ ايڇ آءِ وي /ايڊز وائرس جي بچاءَ جي حوالي سان آگاهي مهم شروع ڪئي آهي. ايڇ آءِ وي /ايڊز وائرس جي ڳڻتيء جوڳي حد تائين وڌي وڃڻ کي روڪڻ لاءِ سنڌ سرڪار  جي ايڊز ڪنٽرول پروگرام تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي، سنڌ جي هر تعلقي اسپتال ايڇ آءِ وي اسڪريننگ ٽيسٽ جي سهولت مهيا ڪرڻ سان گڏ ان موذي وائرس خلاف ڀرپور انداز ۾ سجاڳي مهم هلائڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ سرڪار کي پنهنجا سڀ وسيلا ڪتب آڻڻ گهرجن، جن ۾ ٽي وي، ريڊيو، اخبارون ۽ اسپتالن ۾ بينر ۽ سائن بورڊ لڳائڻ گهرجن. اهڙي طرح سماجي تنظيمن، سجاڳ ماڻهن زندگي جي هر مرتبي فڪر کي ان موذي مرض جي بچاءُ جي حوالي سان هڪ ٻئي کي  آگاهي ڏيڻ گهرجي، تڏهن ئي وڃي ان موذي مرض کان بچاءُ ٿي سگهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.