ايڇ آءِ وي /ايڊز، علاج ۽ احتياط

حسن پٺاڻ

حصو ٻيون

ايڇ آءِ وي / ايڊز ڦهلجڻ جا سبب

(استعمال ٿيل سرنج) سئي

ايڇ آءِ وي  استعمال ٿيل سرنج ذريعي به ڦهلجي ٿي، جنهن ۾ نشي جا عادي ماڻهو اڪثر هڪڙي سئي هڪ ٻئي تي استعمال ڪن ٿا،  جڏهن ته عطائي ڊاڪٽر به هڪڙي ئي سرنج مختلف مريضن تي استعمال ڪن ٿا، اهڙي طرح اگر وائرس لڳل سئي جيڪڏهن انساني جسم ۾ داخل ٿي ويندي ته ايڇ آءِ وي وائرس ٻئي انساني جسم ۾ داخل ٿي ويندو، اسان وٽ ايڇ آءِ وي ۽ ايڊز ڦهلجڻ جو اهيو به سبب آهي.

 

 غير محفوظ جنسي تعلق

غيرمحفوظ جنسي تعلق به ايڇ آءِ وي پکيڙڻ جو سبب آهي، جنهن ۾ هم جنسي پرستي، ايڇ آءِ وي متاثر مرد کان عورت ۾ ۽ عورت کان مرد ۾، جڏهن ته ايڇ آءِ وي متاثر فرد جو جنسي عمل دوران رت جو وهڻ به سبب ٿي سگهي ٿو.

 

غيرمحفوظ رت لڳرائڻ

ايڇ آءِ وي /ايڊز جي ڦهلجڻ جو هڪ سبب ايڇ آءِ وي متاثر جو رت لڳرائڻ  به آهي، عام طور تي ڪنهن حادثي، آپريشن، رت جي گهٽتائي جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ اڪثر اسڪريننگ کان بغير يا رت وڪڻندڙ فردن جي ذريعي ايڇ آءِ وي متاثر رت جو جسم ۾ داخل ٿيڻ به سبب آهي.

 

ايڇ آءِ وي متاثر ماءُ کان ٻار ۾

ايڇ آءِ وي متاثر ماءُ مان پيدا ٿيندڙ ٻار پيدائشي طور ئي ايڇ آءِ وي /ايڊز جو مريض تي سگهي ٿو، اهڙي طرح ايڇ آءِ وي مريض ماءُ حمل دوران ۽ ويم کانپوءِ ٻار کي کير پيارڻ سان به ٻار ۾ ايڇ آءِ وي وائرس داخل ٿي سگهي ٿو.

حجامتي اوزار، بليڊ، پاڪي ۽ ڪن نڪ ٽوپرائڻ واري سئي

ايڇ آءِ وي ايڊز متاثرجي بليڊ، پاڪي، ريزر جي ذريعي به منتقل ٿي سگهي ٿو، خاص طور تي حجم وٽ حجامت ڪرائڻ وقت نئون بليڊ استعمال ڪرڻ جو مطالبوڪيو وڃي، جئين متاثر فرد جي رت ۾ شامل وائرس ڪنهن ٻي شخص ۾ داخل نه ٿي سگهي. اهڙي طرح عورتن کي ڪن ۽ نڪ ٽوپرائڻ وقت به هڪڙي سئي استعمال کان پاسو ڪرڻ گهرجي ڇو ته متاثر سئي مان ٻئي کي به وائرس وچڙي سگهي ٿو.

 

طبي اوازار

اسپتالن ۾ طبي اوزار جن ۾ آپريشن جا اوزار اچي وڃن ٿا، جيڪڏهن ايڇ آءِ وي متاثر مريض جو اوازار ڪنهن ٻئي مريض تي استعمال ٿئي ته ايڇ آءِ وي لڳڻ جو خطرو رهي ٿو انهي لاءِ جراثيمن کان پاڪ اوزار استعمال ڪرڻ گهرجن.

ايڇ آءِ وي / ايڊز جي حوالي سان غلط فهمي

رڳو اهيو سمجهڻ ته ايڊز صرف انجيڪشن (سئي) نشي وارن شئين جي استعمال سان نشو ڪندڙ ماڻهن کي ايڇ آءِ وي وائرس هجي ٿو، پر هن مرض کان بچاءُ لاءِ احتياط نه ڪرڻ سبب هي مرض ڦهلجي ٿو، ان کان بچاءُ صرف احتياط ئي واحد ذريعو آهي،  جڏهن ته ٻي غلطفهمي اها به عام آهي ته ايڇ آءِ وي /ايڊز جي مريضن جي سارسنڀار ڪندڙ ماڻهن کي به وائرس وچڙڻ جو خطرو رهي ٿو، جڏهن ته مريض جي عام استعمال جي شين ۽ سارسنڀار ذريعي   وائرس لڳڻ جو خطرو ناهي هوندو.

ايڇ آءِ وي /ايڊز جا ناڪاري اثر

ايڇ آءِ وي /ايڊز ڪنهن هڪ شخص جي زندگي جي بربادي جو سبب نه ٿو بڻجي پر اهيو پوري خاندان، معاشري، قوم ۽ ملڪ تي به پنهنجا اثر ڇڏي ٿو.

ايڇ آءِ وي/ايڊز جا مريض فرد، خاندان ۽ ملڪ تي پوندڙ ناڪاري اثر

ايڇ آءِ وي /ايڊز متاثر شخص جسماني ۽ اندروني نظام آهستي آهستي ناڪارا بڻجڻ سبب جسماني ڪمزوري جو شڪار ٿي ويندو آهي، اهڙي حالت ۾ اهو فرد خاندان ۽ معاشري جي بي رخي سبب اڪيلائپ جو شڪار ٿي ويندو آهي، ان جو عزت نفس مجروع ٿيڻ سبب وهم ۽ وسوسن جو شڪار ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن هو شادي شده آهي ته سندس زال ۽ ٻارن ۾ مرض منتقل ٿيڻ جو خدشو رهندو آهي ۽ سندس علاج ۾ دير ٿيڻ، علاج نه ٿيڻ يا شفا نه ملڻ سبب نفساتي مريض ٿي ويندو آهي. مريض پنهنجي زندگي ٻين تي ٻوجھه محسوس ڪندو آهي، اهڙي طرح ايڇ آءِ وي متاثر شخص جو خاندان پڻ ايڇ آءِ وي /ايڊز وچڙڻ جي خوف ۾ رهندو آهي، پوءِ انهيءَ خوف ۽ هراس سبب  ان خاندان ۾ جھيڙا جڳڙا غلطفهميون پيدا ٿينديون آهن، علاج معالج جي حوالي سان خرچ جو وڌي وڃڻ ڪري سندن معاشي/ گهريلو نظام تباهه ٿي ويندو آهي، ۽ خاندان قرضي ٿي ويندو آهي. اهڙي طرح اهو خاندان گهر جي ٻين فردن ۽ ٻارن جون ضرورتون به پوري طرح  ادا  ناهي ڪري سگهندو. پورو خاندان باقي پاڙي اوڙي وارن جي نظرن ۾ اچي طعانن مهڻن جو شڪار ٿيندو آهي، سندن مالي ۽ سماجي مسئلا وڌي وڃڻ ڪري اهو خاندان اذيت مان گذرندو آهي.

ايڇ آءِ وي /ايڊز مريضن جو تعداد وڌڻ ڪري ملڪ ۽ قوم جي ترقي وارو عمل پڻ رڪجي ويندو آهي، جنهن سان ملڪ جي صحت، زراعت، تعليم، صنعت، تجارت، ڪاروبار ۽ معيشت تي تمام گهڻا ناڪاري اثر پوندا آهن، ان جو مثال ايڊز جي وفا جو شڪار آفريڪي ملڪ جي صورتحال کي ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو، اهڙي موذي مرض سبب سوازي لينڊ، بوٽو وانا سميت ڪيئي آفريڪي ملڪ لکن جي تعداد ۾ موذي مرض جوشڪار ٿي موت بعد افرادي قوت جي شديد کوٽ جي لپيٽ ۾ آهن، جنهن سبب اهي ملڪ بک ۽ بحالي جي ورچڙهي ويا آهن.

ايڇ آءِ وي /ايڊز کان بچاءُ ۽ احتياط

سرنج ذريعي منتقل ٿيڻ کان روڪڻ

نشي آوار ۽ غير ضروري سئين جي استعمال کان پرهيز ڪرڻ، هميشه صاف ۽ نئين ڊسپوزبل سرنج ۽ سئي جو استعمال ڪرڻ، ٻين جي استعمال ٿيل سرنج ۽ سئي ڪنهن به صورت استعمال نه ڪرڻ گهرجي، سئي چڀڻ کان ٿيڻ واري زخم کان بچڻ جي ڪوشش ڪرڻ،  استعمال ٿيل سئي ذريعي ڪن، نڪ ٽوپرائڻ کان پرهيز ڪرڻ ۽ جسم تي سئين ذريعي نقش چٽرائڻ پرهيز ڪرڻ.

جنسي تعلقات ۾ احتياط ڪرڻ

جنسي تعلقاتن ۾ بيراهه روي کان بچڻ، صرف پنهنجي گهرواري تائين جنسي تعلقات محدود رکڻ، ايڇ آءِ وي متاثر هجڻ جي صورت ۾ پنهنجي زال / مڙس جنسي تعلق ۾احتياطي تدبيرون ڪرڻ، ڪوبه جنسي مرض ٿيڻ جي صورت ۾ ان کي معمولي سمجھي نظرانداز ڪرڻ بجاءِ ڪنهن مستند ڊاڪٽر کان مڪمل علاج ڪرائڻ.

ماءُ کان ٻار ڏانهن ايڇ آءِ وي/  ايڊز منتقل ٿيڻ کان بچاءُ

عورتون خاص طور تي نوجوان ڇوڪرين کي ايڇ آءِ وي کان متاثر ٿيڻ کان بچڻ لاءِ کين احتياطي تدبيرون ڪرڻ کپن، ايڇ آءِ وي متاثر عورتن کي احتياطي تدبيرن کان بغير حمل ٿيڻ کان پرهيز ڪرڻ، حمل وارن عورتن کي رازداري واري طريقي سان ٽيسٽون ۽ مشاورت جون سهولتون ڏيڻ، ايڇ آءِ وي متاثر حمل وارين عورتن کي اينٽي ريٽرووائرل دوائون ڏيڻ، ٻار جي پيدائش وقت صاف سٿري ۽ محفوظ ويم واريون سهولتون فراهم ڪرڻ،  ايڇ آءِ وي/ ايڊز مريض جي ٻار کي متبادل کير پيارڻ يا ٿي سگهي ته صحتمند عورت (ٿڃ پياريندڙ رضائي ماءُ) جو بندوبست ڪرڻ.

رت لڳرائڻ وقت احتياط ڪرڻ

ايڇ آءِ وي /ايڊز ۽ هيپاٽائيٽس وائرس کان صاف، ٽيسٽ/ اسڪريننگ ٿيل رت لڳرائڻ، رت جو عطيو ڏيڻ وقت نئين ۽ ڊسپوزبل سرنج، سئي ۽ رت جي ٿيلهي جو استعمال ڪرڻ، رت کپائيندڙ ڌنڌوڙي ۽ نشي وارن ماڻهن کان رت جو عطيو نه وٺڻ.

مٿين ڳالهين کي نظر ۾ رکي ايڇ آءِ وي /ايڊز جي ڦهلجڻ جي سببن ۽ ان جي بچاءُ لاءِ احتياطي تدبيرون ڪري انهي موذي مرض کان بچي سگهجي ٿو.

(هلندڙ حصو ٽيون 2019-05-29 تاريخ تي شايع ڪيو ويندو)

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.