کپري جي وارڊ نمبر 12 ۾ گندگيءَ رهواسين کي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي،
تحريڪ انصاف اڳواڻن آغا احمد پٺاڻ ۽ ٻين کپري وارڊ نمبر 12 ۾ گندگي واري هنڌن جو دورو ڪيو.
اڳواڻن چيو ته ميونسپل ڪميٽي ۾ چئرمين توڙي انتظاميا جو صفائي واري دعوا رڳو بيانن تائين محدود آھي.
هنن چيو ته رمضان شريف جي ڀلاري مھيني ۾ بـ مسجد ڀرسان ۽ پوري وارڊ نمبر 12 ۾ گندگي جا ڍير پيل آھن.
اڳواڻن چيو ته هو ميڊيا ذريعي چئرمين جي صفائي سٿرائي بابت دعويٰ کي رد ڪن ٿا