وڏي وزير جي صدارت هيٺ امن امان جي صورتحال بابت اجلاس

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته عيد جي موقعي تي شاپنگ سينٽرن جي ڀرپاسي انٽيليجنس عملي جي ڊيوٽي وڌائي وڃي ته جيئن تحفظ احساس ٿئي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ امن امان جي صورتحال بابت اجلاس ٿي گذريو جنهن ۾ سڌ سماءَ بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري، ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ سميت ٻيا آفيسر شريڪ ٿيا.

اجلاس ۾ وڏي وزير جو چوڻ هو ته حضرت علي عليه السلام جي ڏهاڙي تي خاص انتظام ڪيا وڃن ۽ شاپنگ سينٽرن جي ڀرپاسي ۾ به سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا وڃن.

آءِ جي سنڌ وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ته رمضان ۾ مسجدن ۽ تراويح جي 302 هنڌن تي سيڪيورٽي مهيا ڪئي وئي آهي، جڏهن ته امام بارگاهن، مجلسن ۽ جلوسن کي به سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي.

سندس وڌيڪ چوڻ هوته سنڌ پوليس ٽارگيٽ ڪلرن، ڊرگ ڊيلرن ۽ پابندي مڙهيل تنظيمن ڪارندن کي گرفتار ڪيو آهي.

وڏي وزير اجلاس ۾ ٽارگيٽ آپريشن عيد تائين جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.