پريانڪا چوپڙا ڀارتي ٻارن کي ڇڏي دنيا جي ٻارن جي خير خواهه بڻجڻ تي تنقيد جي ور چڙهي وئي

ايٿوپيا (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي نالي وارا اداڪارا عالمي اداري يونيسيف جي خير سگالي سفير پريانڪا چوپڙا تي پنهنجي ملڪ جي غريب ڀارتي ٻارن کي ڇڏي سموري دنيا جي ٻارن جي خير خواهه بڻجڻ تي تنقيد جي ور ڇڙهي وئي آهي. اداڪارا پريانڪا چوپڙا ڪيترن سالن کان  گڏيل قومن جي اداري يونيسيف جي خيرسگالي سفير آهي ۽ هر سال يونيسيف جي ٽيم سان گڏ مختلف ملڪن ۾ موجود مهاجرن جي ڪيمپن جا دورا ڪندي آهي ۽ انهن ڪيمپن ۾ رهندڙ ماڻهن جي مسئلن کي اجاگر ڪندي آهي. هلندڙ سال پريانڪا چوپڙا ايٿوپيا ۾ موجدو مهاجر ٻارن جا مسئلا اجاگر ڪرڻ ۾ مصروف آهي ۽ مداحن سان تصويرون به شيئر ڪري رهي آهي.  دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت سڏرائيندڙ ڀارت جي آبادي جو هڪ وڏو حصو غربت ۾ زندگي گھاري رهيو آهي جتي ماڻهن وٽ ڪاڪوس، تعليم ۽ خوراڪ جهڙيون بنيادي سهولتون به موجود ناهن. تنهنڪري ڀارتي ٻارن کي نظرانداز ڪري سموري دنيا جي ٻارن جي خيرخواهه بڻجڻ تي پريانڪا کي ڀارتين طرفان سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.  پريانڪا جي هڪ مداح سوال پڇندي چيو ته توهان سٺو ڪم ڪري رهيا آهيو پر توهان جو پنهنجي ملڪ بابت ڇا خيال آهي؟ جنهن تي پريانڪا نٽائيندي ٽيڙو جواب ڏنو  ته ٻار ٻار هوندا آهن، اسان سڀ گلوبل شهري (سرحدن کان آزاد شهري) آهيون ۽ اسان کي دنيا ۾ موجود سڀني ٻارن جي مستقبل بابت فڪر ڪرڻ گھرجي.  پريانڪا وڌيڪ چيو ته ائون يونيسيف انڊيا سان گذريل ڪيترن سالن کان ڪم ڪري رهي آهيان ۽ اڳتي به ڪندي رهنديس. پريانڪا جي جواب مان چٽو ظاهر آهي ته هن وٽ مداح طرفان پڇيل سوال جو ڪو به جواب نه هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.