عيد تي اضافي ڀاڙا وٺڻ وارو معاملو، سنڌ حڪومت بس اڏن جي نگراني ڪندي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ حڪومت عيد الفطر جي موقعي تي پبلڪ ٽرانسپورٽ ڀاڙن ۾ واڌ جي روڪٿام لاءِ بس اڏن جي نگراني ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ٽرانسپورٽ جي صوبائي وزير اويس شاهه سڄي سنڌ ۾ اضافي ڀاڙا وٺندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف انتظاميا ۽ پوليس کي ڪارروائي ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن.

اويس شاهه سختي سان هدايت ڪئي آهي ته سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي کان مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ مسافر گاڏين ۾ ڪنهن به مسافر کان واڌو ڀاڙو نه ورتو وڃي.

ان سلسلي ۾ صوبائي وزير جي هدايت تي هڪ ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن تحت ڪمشنرز، ڊي سي ۽ آرٽي جي نگراني هيٺ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ چيڪ اينڊ بيلنس رکيو ويندو.

ٽرانسپورٽ جي صوبائي وزير ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، مٺي، ميرپور خاص، ٺٽي، بدين سميت سمورن ضلعن جي آفيسرن کي واڌو ڀاڙا وٺندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروائي ڪري روزاني بنيادن تي رپورٽ پيش ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.