سومر کان اي ڪورٽ سسٽم جي شروعات ڪري نئين تاريخ جوڙينداسين: چيف جسٽس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس پاڪستان آصف سعيد کوسا چيو آهي ته سومر کان اي ڪورٽ سسٽم جي شروعات ڪري نئين تاريخ جوڙي رهيا آهيون.

سپريم ڪورٽ ۾ مبينا فراڊ جي جوابدار نواز اعواڻ جي بريت خلاف نيب اپيل جي ٻڌڻي ڪئي سپريم ڪورٽ جوابدار جي بريت خلاف نيب جي اپيل رد ڪري ڇڏي. چيف جسٽس پاڪستان آصف سعيد کوسا چيو ته جوابدار خلاف نيب جي ثبوتن ۾ ڪجهه به ناهي.

نيب جي وڪيل چيو ته مونکي شاهد محمد رياض جو بيان پڙهڻ ڏيو پوءِ جيڪو وڻيوَ فيصلو ڪيو.

چيف جسٽس نيب جي وڪيل کي چيو ته اوهان اسان سان ڊيل ڪري رهيا آهيو، ڊيل نيب ڪندو آهي، سپريم ڪورٽ ڊيل ناهي ڪندي، قانون جوابدار جي بيان تي سزا ڏيڻ جي اجازت نٿو ڏي.

چيف جسٽس اي ڪورٽ سسٽم تي رمارڪس ڏيندي چيو ته سومر کان اي ڪورٽ سسٽم جي شروعات ڪري نئين تاريخ جوڙي رهيا آهيون، هاڻ اسان ايڪويهين صدي داخل ٿي رهيا آهيون، عدالت ۾ ڪمرو ۽ اسڪرينون لڳي ويون آهن، سومر تي ڪراچي رجسٽري ۾ وڪيل بحث ڪندا اسان کين هتي اسلام آباد ۾ ٻڌنداسين.

 واضح رهي ته  جوابدار نواز اعواڻ تي 72 لک رپين جي فراڊ جو الزام هو ۽ احتساب عدالت کيس 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي پر هاءِ ڪورٽ کيس بري ڪري ڇڏيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.