ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي شهر ۾ گرميءَ جي وڌيڪ هڪ لهر اچڻ جو امڪان آهي ۽ موسميات کاتي هيٽ ويو جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.
موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر سردار سرفراز موجب ڪراچي ۾ گرمي جي لهر ڇنڇر کان سومر ڏهاڙي تائين رهندي جنهن دوران گرمي پد 39 کان 41 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي.
سردار سرفراز چيو ته ڇنڇر کان سومر تائين ڏينهن جو سامونڊي هوائون به بند ٿيڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي گرمي پد 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي ۽ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر جي موسم گرم ۽ خشڪ رهندي. شهري هيٽ ويو کان بچڻ لاءِ احتياطي اپاءَ اختيار ڪندي گهرن کان ٻاهر نه نڪرن ۽ جيڪڏهن نڪرن تي مٿو ڍڪي نڪرن.
ماهرن ۽ ڊاڪٽرن موجب مٿي ۽ جسم جي ٻين حصن تي آلو ڪپڙو هڻڻ سان به گرمي جو احساس گهٽ ٿيندو آهي.