پاڪستان امن ۽ استحڪام جي عمل مان گذري رهيو آهي: آرمي چيف

راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پاڪستان پائيدار امن ۽ استحڪام جي عمل مان گذري رهيو آهي.آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا جو دورو ڪيو، جتي هن اسٽوڊنٽس آفيسرن ۽ فيڪلٽي اسٽاف سان قومي سلامتي جي معاملن تي خيالن جو اظهار ڪيو.آرمي چيف جو چوڻ هو ته پاڪستان ماضي ۾ چئلينجن جو ڄمي مقابلو ڪندو رهيو، پاڪستان پائيدار امن ۽ استحڪام جي ارتقائي عمل مان گذري رهيو آهي، ارتقا جو اهو عمل آهستي پر هاڪاري رستي ڏانهن هلي رهيو آهي.آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته اسان کي مضبوط رهڻ ۽ قومي مقصد مقرر ڪرڻ جي ڪوششن کي اڳتي وٺي وڃڻ جي ضرورت آهي.ان موقعي تي جنرل قمر جاويد باجوا دهشتگردي خلاف نوجوان آفيسرن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو، جڏهن ته هن اوڀر سرحد تي تازي ڇڪتاڻ دوران نوجوان آفيسرن جي ڪارڪردگي جي پڻ واکاڻ ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.