رپورٽ: ڄامشورو: سيمينار ڪوٺائي عورتن جي حقن بابت ڄاڻ ڏني وئي

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ڄامشورو: سيمينار ڪوٺائي عورتن جي حقن بابت ڄاڻ ڏني وئي
عوامي آواز رپورٽرپورٽ: ڄامشورو: سيمينار ڪوٺائي عورتن جي حقن بابت ڄاڻ ڏني وئي

 

 

ڄامشورو ۾ سيمينار ڪوٺائي سنڌ اندر عورتن مٿان ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتين تي ضابطي ۽ ننڍي عمر ۾ ٿيندڙ شادين جي روڪ ٿام لاءِ ڄاڻ ڏني وئي.

سماجي تنظيم پاران ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي درٻار هال ۾ سيمينار ڪوٺايو ويو.

سيمينار ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڪيپٽن رٽائرڊ فريد الدين مصطفي، سنڌ گورنمينٽ ڪميشن آن اسٽيٽس آف وومين  جي چئيرپرسن نزت شيرين، رحيمان پنهور ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي مقررن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ عورتن جي حقن کي يقيني بڻائڻ لاء حڪومت ادارن جي سربراهن ۽ سول سوسائٽي کي اڳتي اچڻو پوندو.

سندن چوڻ هو ته عورتن جي حقن توڙي نياڻين جي ننڍي عمر ۾ شادين جي روڪٿام لاءِ قانون موجود آهي، جنهن بابت عوام کي آگاهه ڪري اهڙن واقعن کي روڪ سگهجي ٿو

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.