ڀارتي چونڊون کٽيندڙ ۽ هارائيندڙ فنڪار ۽ اداڪار

 

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ 17هين لوڪ سڀا يعنيٰ هيٺين ايوان جي نئين سر جوڙجڪ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ٿيندي ۽ هن وقت تائين جي نتيجن موجب هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي جنتا پارٽي (بي جي پي) حڪومت بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي.

ڀارت ۾ لوڪ سڀا جي چونڊن جو آغاز گذريل مهيني 11 اپريل تي ٿيو هو، چونڊون 7 مرحلن ۾ 6 هفتن تائين جاري رهنديون ۽ آخري مرحلو 19 تي ٿيو.

ووٽن جي شروعاتي نتيجن ۽ غير حتمي نتيجن جو اعلان 23 مئي تي ڪيو ويو، جنهن جي تحت بي جي پي هڪ ڀيرو ٻيهر اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي.

نتيجن چونڊن جو حتمي اعلان ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪيو ويندو ۽ ڀارت جو نئون وزير اعظم پهرين جون کان پوءِ حلف کڻندو،

هن تائين جي غير حتمي نتيجن موجب جتي بي جي پي کي اڪثريت حاصل آهي، اُتي ئي ان پارٽي جي ٽڪيٽ تان وڙهندڙ شوبز اداڪار به هن وقت تائين جي نتيجن موجب اڳتي آهن.

هن لوڪ سڀا چونڊن ۾ هڪ درجن جي لڳ ڀڳ اداڪارن ۽ ٻين شخصيتن حصو ورتو هو، جنهن ۾ بي جي پي جي ٽڪيٽ تان چونڊ وڙهندڙ گهڻيون ئي شخصيتون ڪامياب ٿي ويون آهن.

هن وقت تائين جي نتيجن موجب بي جي  پي جي ٽڪيٽ تان چونڊ وڙهندر اداڪار سني ديول، سمرتي ايراني، بنگالي اداڪار ديو، ولن روي ڪشن، گلوڪار بابل سپريو ۽ هنس راج پنهنجي حريفن کان اڳتي آهن.

ٻئي پاسي ڪانگريس جي ٽيڪٽ تي ممبئي مان چونڊ وڙهندڙ ماضي جي ” ڇما ڇما گرل“ ارميلا ماٽونڊڪر سميت ٻين اداڪارائن کي شڪست کي منهن ڏيڻو پيو آهي ۽ هو پنهنجي حرين کان پوئتي آهي.

سڀ کان دلچسپ مقابلو اڳوڻي ٽي وي اداڪارا ۽ وفاقي وزير سمرتي ايراني ۽ ڪانگريس جي صدر راهول گانڌي جي وچ ۾ رياست اترپرديش جي تڪ اميٺي ۾ ٿيو، جتي شروعاتي طور تي ڪانگريس صدر اڳتي هو، پر بعد ۾ سمرتي ايراني کٽي وئي.

سمرتي ايراني (بي جي پي) اڳوڻي ٽي وي اداڪارا:

Smriti-IRani-election-campa

 سمرتي ايراني هن وقت به وفاقي وزير آهي ۽ ان هن ڀيري به بي جي پي جي ٽيڪٽ تان اترپرديش جي تڪ اميٺي تان چونڊ وڙهي، جتي سندس مقابلو ڪانگريس جي صدر راهول گانڌي سان هو.

ان تڪ جي ٻين پارٽين جي اميدوارن به چونڊ وڙهي ۽ شروعاتي طور تي راهول گانڌي سڀني کان اڳتي هو، پر بعد ۾ سمرتي ايراني هن کان بازي کڻي وئي.

پرڪاش راج (آزاد اميدوار) بولي ووڊ ولن:

Parkash-Raj election-campai

ڪيترين ئي فلمن ۾ هيروز کي روئاريندڙ پرڪاش راج به لوڪ سڀا جي چونڊن ۾ حصو ورتو هو، هو رياست ڪرناٽڪا جي شهر بنگلورو مان ميدان تي لٿو هو ۽ سندس مقابلو مڃيل سياستدانن سان هو.

فلمن جي پڄاڻي جيان پرڪاش راج جي لاءِ لوڪ سڀا جي چونڊن جي پڄاڻي به سٺي نه ٿي ۽ هو باقي مخالفن کان پوئتي رهيو.

سني ديول (بي ج پي) بولي ووڊ اداڪار:

sunny deol election campa

ڪيترين ئي فلمن ۾ حريفن کي مزو چکرائيندڙ سني ديول لوڪ سڀا چونڊڻ ۾ به حريفن کي مزو چکرايو ۽ هن سينيئر سياستدانن کي به پوئتي ڇڏي ڏنو.

سني ديول رياست پنجاب جي تڪ گرداس پور تان ميدان ۾ لٿو هو.

ارميلا ماٽونڊڪر (ڪانگريس) بولي ووڊ اداڪارا:

urmila-matondkar election campa

ماضي جي مقبول ڊانس گرل ارميلا ماٽونڊڪر به چونڊن کان ڪجهه هفتا اڳ ڪانگريس ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي ۽ هو ممبئي مان سياسي ميدان تي لٿي هئي.

فلمن ۾ پنهنجي جلونن سان مداحن کي حيران ڪندڙ ارميلا ماٽونڊڪر سياسي ميدان ۾ جلوو نه ڏيکاري نه سگهي ۽ هو پنهنجي حريفن کان پوئتي رهي.

هنس راج (بي جي پي) فنڪار:

Hans-Raj-election-campaign-

فلمي اداڪارائن جيان فنڪارن به هن ڀيري لوڪ سڀا چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ ناليواري فنڪار هنس راج به هن ڀيري بي جي پي جي ٽڪيٽ تي قسمت آزمائي.

هنس راج دهلي مان ميدان تي لٿو ۽ هن پنهنجي مخالفن کي پوئتي ڇڏي ڏنو.

ڪرن کير (بي جي پي) اداڪارا:

اداڪارا ڪرن کير به هن ڀيري بي جي پي جي ٽيڪٽ تي چونڊن جي ميدان ۾ لٿي، هن ڇٽيهه ڳڙهه جي تڪ تان اليڪشن وڙهي.

ڪرن کير جو مقابلو مڃيل سياستدانن سان هو پر هو پنهنجي حريفن کان اڳتي رهي.

منوج تواري (بي جي پي) اداڪار:

Manoj-Tiwari election-campa

منوج تواري (آل انڊيا تينيمول ڪانگريس) بنگالي اداڪار

ڀارت جي رياست بنگال جي تڪ گهاتل مان آل انڊيا ترينيمول ڪانگريس ( اي آءِ ٽي سي) جي ٽڪيٽ تان چونڊ وڙهندڙ بنگالي فلمن جي هيرو ديو به ٻين حريفن کي پوئتي ڇڏي ڏنو.

هيما مالني (بي جي پي) اداڪارا:

hema-malini-election-campai

ماضي جي مقبول اداڪارا ڊريم گرل  هيما مالني 2014ع ۾ به لوڪ سڀا جي ميمبر چونڊجي هئي ۽ هن ڀيري به هن ميدان ماري ورتو آهي.

هيما مالني رياست اترپرديش جي تڪ ماٿرا تان بي جي پي جي ٽڪيٽ تي ميدان ۾ لٿي هئي.

راج ببر (ڪانگريس) اداڪار:

Raj-Babar-election-campaign

ماضي جي مقبول اداڪار راج ببر هن ڀيري به لوڪ سڀا جي چونڊن ۾ حصو ورتو، هو هن ڀيري رياست اتر پرديش جي تڪ فتح پور سڪري مان ڪانگريس جي ٽيڪٽ تي ميدان ۾ لٿو.

راج ببر جو مقابلو بي جي پي سميت ٻين حريفن سان هو پر هو ٻين مخالفن کان پوئتي رهيو.

بابل سپريو (بي جي پي) فنڪار:

Babal-Supryo-election-campa

بولي ووڊ جي پلي بيڪ سنگر بابل سپريو به هڪ ڀيرو ٻيهر چونڊ کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

بابل سپريو بي جي پي جي ٽيڪٽ تي رياست اتر بنگال جي تڪ اسنسول مان ميدان تي لٿو، سندس مقابلو آل انڊيا ترينيمول ڪانگريس جي اداڪارا مون مون سين سان هو.

مون مون سين (آل انڊيا ترينيمول ڪانگريس) اداڪارا:

Moon-Moon-Seen-election-cam

بنگالي، تامل، تيلگو ۽ هندي فلمن جي ماضي جي مقبول اداڪارا مون مون سين رياست اتر بنگال جي تڪ اسنسول تان اي آءِ ٽي سي جي ٽڪيٽ تي ميدان ۾ لٿي، پر هو پنهنجي حريفن کان پوئتي رهي.

مون مون سين جو سڀ کان وڏو حريف بي جي پي جو اميدوار فنڪار بابل سپريو هو جيڪو هن کان اڳتي رهيو.

ممي چڪروتي ( آل انديا ترينيمول ڪانگريس) اداڪارا:

MiMi-Chakraborty-election-c

اداڪارا ممي چڪروتي پهرين ڀيرو رياست اتر بنگال جي شهر ڪولڪتا جي ٻهراڙي واري تڪ جداوپور تان آل انڊيا ترينيمول ڪانگريس جي ٽيڪٽ تان ميدان تي لٿي هئي.

نوجوان اداڪارا جو مقابلو وڏي سياستدانن سان هو پر هو سڀ کان اڳتي رهي.

روي ڪشن (بي جي پي) اداڪار:

بولي ووڊ ولن روي ڪشن به هن ڀيري رياست اترپرديش جي تڪ گورک پور تان بي جي پي جي ٽيڪٽ تي ميدان ۾ لٿو هو.

بولي ووڊ ولن جو مقابلو نهايت تجربي ڪار سياستدانن سان هو پر هن سڀني کي پوئتي ڇڏي ڏنو.

نصرت جهان روحي (آل انڊيا ترينيمول ڪانگريس) اداڪارا ماڊل:

Nusrat-Jahan-Rohi-election-

اداڪارا ۽ ماڊل نصرت جهان روحي به هن ڀيري اي آءِ ٽي سي جي ٽڪيٽ تي رياست اتر بنگال جي تڪ بشرهت تان ميدان ۾ لٿي هئي.

نصرت جهان جو مقابلو به مڃيل سياستدانن سان هو ۽ هن سڀني کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.

شتروگن سنها (ڪانگريس) اداڪار:

Shatro-Gunsinha-election-ca

ماضي جي مقبول اداڪار شتروگن سنها رياست بهار جي تڪ پٽنا صاحب تان ڪانگريس جي سيٽ تي چونڊ ميدان ۾ لٿو هو.

شتروگن سنها جو مقابلو مڃيل سياستدانن سان هو ۽ هو انهن کان پوئتي رهيو.

پونم سنها (سماج وادي پارٽي) اداڪارا:

Ponam-Sinha-election-campai

ماضي جي مقبول اداڪارا ۽ اداڪار شتروگن سنها جي گهرواري پونم سنها به هن ڀيري لوڪ سڀا چونڊن جو حصو هئي.

پونم سنها رياست اتر پرديش جي تڪ لکنئو مان سماج وادي پارٽي جي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهيو ۽ هو ٻين حريفن کان پوئتي رهيو، سندس سڀ کان وڏو حريف راج ناٿ سنگهه هو جيڪو هن کان اڳتي رهيو.

جيا پرادا (بي جي پي) اداڪارا:

Jiya-Parada-election-campai

ماضي جي مقبول اداڪارا جيا پرادا ان ڀير رياست اترپرديش جي تڪ رامپور تان بي جي پي جي ٽيڪٽ تي ميدان ۾ لٿي هئي.

سندس مقابلو پنهنجي استاد ۽ هن کي سياست ۾ متعارف ڪرائيندڙ اعظم خان سان هو جيڪو سماج وادي پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ آهي، جيا پرادا پنهنجي حريفن کان پوئتي رهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.