عيد کانپوءِ احتجاج واري ٽرين ۾ ڪهڙيون پارٽيون سوار ٿينديون؟؟

ڪبير احمد خانزاده

رمضان المبارڪ شروع ٿيڻ شرط ئي افطار پارٽين جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي، ڪجهه افطار پارٽيون خدا وند ڪريم کي پرچائڻ لاءِ ان جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙا خدا ترس ماڻهو ڪندا آهن جن کي صرف انسان ذات سان سروڪار هوندو آهي ۽ ان جي پٺيان ڪو اهڙو مقصد نه هوندو آهي جنهن تي ڪير ٽوڪ ڪري سگهي يا ان جو اشو اٿاري سگهي، ڪجهه افطار پارٽيون اهڙيون به هونديون آهن جيڪي ڪنهن اهم مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيون وينديون آهن، ڪير صحافين جي مان ۾ افطار پارٽي ڪندو آهي جيئن ايندڙ سال صحافي اُنهن سان بهتر انداز ۾ پيش اچن، ڪير وري واپارين جي مان ۾ افطار پارٽي ڪندا آهن،مطلب ته انهي موضوع کي جيتري ڊيگهه ڏينداسين اوترو مسئلو وڃبو اينگهندو، اچون ٿا موضوع تي

هن وقت تائين جيڪڏهن ڪنهن افطار پارٽي ٽي وي چينلن تي، سياسي، سماجي پليٽ فارم تي مشهوري ماڻي آهي يا اها افطار پارٽي هر جاءِ تي بحث جو موضوع آهي ته اها افطار پارٽي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي آهي، اسلام آباد ۾ ٿيل هن افطار پارٽي ۾ صرف اُنهن پارٽين جي سربراهن يا انهن جي نمائندن شرڪت ڪئي  يا اُنهن کي گهرايو ويو جيڪي موجود سرڪار کان ڪنهن نه ڪنهن سبب جي ڪري ناراض آهن ۽ ان مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، عمران خان حڪومت کي هن وقت صرف 10 مهينا ئي ٿيا هوندا پر عمران سرڪار جي پاليسين کان گهٽ پر سندس ڪابينا جي وزيرن ۽ پاڻ عمران خان جو جيڪو لهجو رهيو آهي اهو دوست گهٽ دشمن وڌيڪ بڻائڻ لاءِ ڪافي آهي، قومي اسيمبلي هجي يا ڪو عوامي ميڙاڪو، واپارين لاءِ تقريب هجي يا شاگردن لاءِ ڪا تقريب هجي عمران خان هميشه مخالف ڌر جي سمورن ميمبرن خلاف چور، ڌاڙيل ۽ ڪرپٽ جهڙا الفاظ استعمال ڪندي نظر اچي ٿو، صحافي جيڪڏهن سوال پڇي ٿو ته مهانگائي وڌڻ جو ڪارڻ ڇا آهي….. آڏو جواب اچي ٿو ته گذريل حڪومت جا ڪارناما آهن…… وري سوال ڪيو وڃي ٿو ته اسان کي آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو ڇو پيو…..آڏو جواب اچي ٿو ته گذريل حڪومت جا ڪارناما آهن….. وري سوال ڪيو وڃي ٿو ته ڊالر ريڪارڊ سطح تي پهچي ويو آهي ان جو ڪارڻ ڇا آهي……..جواب ملي ٿو ته گذريل حڪومت جا ڪارناما آهن، مطلب ته ڏهن مهينن ۾ حڪومتي ڌر اهو ئي راڳ الاپي رهي آهي ته جيڪو ڪجهه هن وقت ٿي رهيو آهي اهو گذريل حڪومتن جي ڪيل ڪمن جو نتيجو آهي .

پر جڏهن اسان عمران خان جون اپوزيشن ۾ هوندي تقريرون ٻڌون ٿا جڏهن هن سبز باغ ڏيکاري ڏيکاري عوام کي مجبور ڪري ڇڏيو ته تبديلي اچڻي آهي، تبديلي ته اچي وئي پر ان تبديلي عوام جي گهرن جا چولها وسامي ڇڏيا آهن، غريب ماڻهو ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهن، ڏهاڙي ڪمائيندڙ مزدور کي ڪو سروڪار ناهي ته ڪير اقتدار م آهي يا ڪير اقتدار ۾ ناهي، ڪنهن ملڪ لٽيو ڪنهن نه لٽيو، صرف غريب عوام چاهي ٿو ته ان کي ٻن ويلن جي ماني آساني سان نصيب ٿئي، جيڪا هن وقت ملڻ انتهائي مشڪل بڻجي وئي آهي.هن وقت سمورو وزن غريب عوام مٿان وڌو ويو آهي، اميرن کي ته پرواهه ئي ناهي، پيڙهجي ته غريب ويو، مهيني جا 15 کان 20 هزار ڪمائيندڙ ڪيئن پنهنجي مهيني جي بجيٽ تيار ڪن، ڪيئن گهر کي هلائين، ڦرلٽ ڪري ويا ٻيا، ان جو خميازو وري غريب عوام ڀري اهو ڪٿان جو انصاف آهي؟؟

اپوزيشن پارٽين جي افطار پارٽي جو اهم نقطو به مهانگائي رهيو جنهن تي سموريون ڌريون متفق آهن ته هاڻي اسان کي احتجاج شروع ڪرڻ گهرجي،ڇو ته هن وقت عوام موجوده سرڪار مان بيزار آهي، مهانگائي جو جيڪو طوفان آيل آهي ان کي ”ڪيش“ ڪرايو وڃي، عوام اهو نه سمجهي ته شروع ٿيندڙ احتجاج عوام جي ڀلائي لاءِ هوندو پر ان پٺيان به هر سياسي پارٽي جو پنهنجو ڪو نه ڪو مقصد لڪيل آهي ۽ ان ڳالهه کان عوام واقف به آهي، نيب جون وڌندڙ ڪارروايون ۽ تنگ ٿيندڙ گهيرو ڪيترن ئي سياسي ماڻهن جون ننڊون ڦٽائي رهيو آهي ۽ هو  چاهي رهيا آهن ته جلد کان جلد اها حڪومت ختم ٿئي جيئن نيب جا هٿ انهن جي گريبان تائين نه پهچي سگهن، سمجهو ته هر ڪنهن جا پنهنجا پنهنجا مطلب آهن.

اپوزيشن  هن وقت پاڻ  به انتشار جو شڪار آهي ۽ جيڪڏهن انتشار جو شڪار نه هجي ها ته افطار پارٽي کانپوءِ ٿيندڙ سيشن ۾ ئي ڪو حتمي فيصلو ٿي وڃي ها پر عيد کانپوءِ اي پي سي ڪوٺائڻ ان کانپوءِ اعلان ڪرڻ واري ڳالهه ۾ لچڪ آهي ۽ اهو لچڪ وارو فيصلو ڪنهن حد تائين موجوده سرڪار سميت نيب تي به اثر انداز ٿيڻ جو هڪ ٽيلر آهي،خير ڏسجي ته عمراني سرڪار کان بيزار اپوزيشن پارٽيون احتجاج لاءِ ڪنهن حد تائين تيار آهن؟ ان جو اندازو عيد کانپوءِ ڪوٺايل اي پي سي مان ئي  لڳائي سگجهي ٿو، ڪجهه به ٿئي اهڙو ڪو قدم نه کنيو وڃي جنهن سان جمهوريت کي ڪو نقصان ٿئي،يا وري ڊڪٽيٽرن کي ملڪ تي قبضو ڪرڻ جو موقعو ملي، ڇو ته ڊڪٽيٽرن جي دور ۾ ملڪ کي جيڪو نقصان ٿيو آهي ان جي ڳالهه عمران سرڪار نه ڪندي بس سندس نشاني تي سياسي ڌريون ئي آهن، هن وقت ملڪ سنگين صورتحال کان گذري رهيو آهي، معاشي صورتحال انتهائي خراب آهي جيڪڏهن افراتفري وارو ماحول جوڙيو ويو ته نقصان ملڪ جو ئي ٿيندو.جيڪو قدم کنيو وڃي سوچي سمجهي کنيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.