تازي ميون وارا جوس وڏا نقصانڪار آهن!:ماهرن جي تحقيق

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ڇا اوهان کي خبر آهي ته ميون جا جوس سافٽ ڊرنڪس کان  به وڌيڪ خطرناڪ آهن ۽ انهن سان تڪڙي موت جو خطرو وڌي وڌي ويندو آهي؟

پر ڪيئن؟ ايموري يونيورسٽي ۽ ڪارنيل يونيورسٽي جي گڏيل تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو آهي ته کنڊ وارا جوس گھڻا پيئڻ سان ڪنهن به مرض جي نتيجي ۾ جلد موت جو خطرو وڌي ويندو آهي.

ان تحقيق ۾ پهريون اهي جوس جنهن ۾ کنڊ گڏيل هئي جي ڀيٽ سافٽ ڊرنڪس سان ڪئي وئي ۽ خبر پئي ته انهن ٻنهي شربتن سان موت جو خطرو وڌي ويندو آهي.

تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته رڳو هڪ گلاس اهڙي جوس جو پيئڻ ۾ ته ڪو به خطرو ناهي، پر ان جو وڌيڪ مقدار موت مار ثابت ٿي سگھي ٿو.

ان تحقيق دوران 13 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي ڊيٽا جو تجزيو ڪيو ويو جيڪي ٻن قسمن جا شربت پيئڻ جا عادي هئا. 6 سالن تائين جاري رهندڙ تحقيق دوران 11 سئو کان وڌيڪ ماڻهو موت جو شڪار ٿيا.

تحقيق ڪندڙن مختلف قسمن جي ٿولهه کي نظر ۾ رکندي دريافت ڪيو ته فروٽ جوسز جو شوق موت جو خطرو 11 سيڪڙو تائين وڌائي ڇڏيندو آهي پر ڪجهه ماڻهن ۾ اهو خطرو 24 سيڪڙو تائين پهچي ويندو آهي.

تحقيق ڪندڙن موجب انهن نتيجن مان ثابت ٿئي ٿو ته مٺا شربت جيئن فروٽ جوسن جو استعمال موت جو خطرو وڌائيندا آهن. مٺن شربتن جي استعمال سان  موت جو خطرو وڌڻ پٺيان ڪجهه سبب آهن، جن ۾ ٿولهه ته بنيادي سبب ثابت ٿيندو آهي پر ان سان گڏوگڏ انسولين جي مزاحمت جو خطرو به وڌي ويندو آهي.

اهڙيءَ ريت بلڊ پريشر پڻ وڌي ويندو آهي جڏهن ته بلڊ شگر وڌڻ سان شگر جو مرض ٿي ويندو آهي.

تحقيق موجب جيتوڻيڪ فروٽ جوسز سان جسم کي وٽامن ۽ فائبر ملندا آهن پر ان کان وڌيڪ جسم کي ڪو به فائدونٿو ٿي سگھي. ماڻهو انهن سافٽ ڊرنڪس کي صحت بخشيندڙ متبادل سمجهندا آهن پر انهن ۾ گھڻي کنڊ شامل هوندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.