سنڌ جي هارين لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي سلام

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي آزاد ۽ روشن خيال، ڌرتيءَ جي وارثن لاءِ قومي جنگ جوٽيندڙ، سنڌين لاءِ سوڀون ماڻيندڙ قومي قافلي جو قائد، جيئي سنڌ نعري جو خالق حيدر بخش جتوئي هڪ نيڪ مرد الهداد خان جتوئي جي گهر، لاڙڪاڻي ضلعي جي ننڍڙي ڳوٺ بکي ديري ۾ 7 آڪٽوبر 1901ع ۾ ڄائو هو، جنهن کي اڄ سموري سنڌ قومي سلام پيش ڪري رهي آهي. ڪامريڊ 21 مئي 1970 ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

ڪامريڊ جي ڪالهه 49هين ورسي به ملهائي وئي. ڪامريڊ 1945ع ۾ سنڌ هاري ڪميٽي ۾ شامل ٿيو هو. هن هارين ۾ ايترو ته شعور پيدا ڪيو جو چونڊن ۾ هارين پنهنجا نمائندا صدين کان قابض وڏيرن سردارن ۽ نوابن جي مقابلي ۾ بيهاري ڇڏيا. جنهن بعد پهريون ڀيرو سنڌ جي تاريخ ۾ وڏيرن، نوابن ۽ سردارن کي آرام وارن بنگلن مان ٻاهر نڪري ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ عوام جي دروازن تائين پنڌ ڪرڻو پيو.

اڳ ۾ ته سردار ننڍن وڏيرن ۽ ڪامورن معرفت ووٽ حاصل ڪندا هئا. جاگيرداري ۽ وڏيرڪي سياست ۾ حيدر بخش هي پهريون انقلاب آندو هو. سال 1951ع ۾ قمبر ضلعو لاڙڪاڻي ۾ سردار سلطان احمد چانڊيي جي مقابلي ۾ هن فارم پڻ ڀريو هو پر ڪامياب ٿي نه سگهيو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ماڻهن کي طبقاتي سوچ ڏني ۽ طبقاتي بيانن تي ٿيندڙ استحصال کان ماڻهن کي آگاهه ڪيو، ظالم جاگيردار ۽ وڏيرا غريب ۽ پورهيت ماڻهن کي ته پاڻ سان گڏ ويهارڻ به پسند نه ڪندا هئا ۽ هارين تي اڪثر ڪري تشدد ڪندا رهندا هئا.

  ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هارين کي اها سوچ ڏني ته اهي وڏي عزت جي لائق آهن هن سماج ۾ هن معاشري ۾ انهن کي اها عزت ملڻ گهرجي. هن صحافت به ڪئي ۽ ڪيترا مضمون لکيا، شاعري پڻ ڪئي جنهن جو محور سنڌ هئي. ڳالهه ڪجي اڄ جي هاري ڪاميٽي جي ته ڪميٽي حيدر بخش جتوئي جي لاڏاڻي کانپوءِ ايتري سرگرم ناهي رهي، جيتري هن کي هجڻ گهرجي، هن مهانگائي واري دور ۾ هاري تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ۽ هنن جو جيئڻ مشڪل بڻجي ويو آهي پر اڄ جي هاري ڪميٽي عملي طور هڪ مضبوط جدوجهد ڪرڻ جي سگهه نٿي رکي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي لاڏاڻي کانپوءِ لڳ ڀڳ 49 سالن بعد وري اهو دور موٽي آيو آهي جو جاگيردار هارين کي پنهنجي نجي جيلن ۾ قيد ڪري جبري پورهيو ڪرائن پيا.

اهڙي عمل جي خبر هجڻ باوجود هاري ڪميٽي انهن هارين جي سار لهڻ سان گڏوگڏ انهن مظلوم هارين کي انصاف ڏيارڻ تائين تحريڪ هلائين ها پر ائين ٿيندي نظر نه پيو اچي. ان جو سبب گهڻي ڀاڱي اها ئي آهي ته ڪاميٽي اندر ئي سياست ٿي رهي آهي، جيڪا سياست گڏجي ڪرڻ گهرجي، هڪ پاليسي هيٺ ڪرڻ گهرجي، اها ئي سياست هئڻ گهرجي، جنهن کي قومي سياست جو نالو ڏئي سگهجي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.