ڪويت پاڪستان مان به تيل ڪڍندو……وڏو اعلان ٿي ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڪويت پيٽروليم جو وفد پاڪستان ۾ تيل جي ڳولا ۽ سيپڙڪاري جي خواهش جو اظهار ڪري ڇڏيو. وزير اعظم ڀرپور سهڪار جي آڇ ڪئي آهي.

تفصيل موجب وزير اعظم عمران خان سان ڪويت پيٽروليم جي چيف ايگزيڪٽو شيخ نواف جي ملاقات ٿي. ملاقات ۾ توانائي وارو وزير عمر ايوب، ايم اختر ملڪ ۽ سيڪريٽري پيٽروليم به موجود هئا.

شيخ نواف وزير اعظم کي 1980ع ۾ پاڪستان ۾ تيل جي ڳولا کان آگاهه ڪيو. هن مستقبل ۾ به تيل جي ڳولا ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي، وزير اعظم ڪويتي وفد جا ٿورا مڃيا ۽ ڀرپور سهڪار جي آڇ ڪئي.

ان موقعي تي وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ تيل جي ڳولا جو شعبو ماضي ۾ نظر انداز ٿيندو رهيو، حڪومت پاڪستان نئين پيٽروليم پاليسي تي ڪم ڪري رهي آهي. تيل جي ولا جي لاءِ ڪم ڪندڙ ڪمپنين کي سهولتون ڏنيون وينديون.

هن چيو ته نئين پاليسي جو مقصد پيٽرول کي هٿ ڪرڻ ۽ عوامي ڪمپنين کي سهولت ڏيڻ آهي، حڪومت آسان واپار جي موقعن لاءِ قدم کڻي رهي آهي.

ڪويتي پيٽروليم ڪمپني پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي خواهش جو به اظهار ڪيو. وزير اعظم سان ملاقات ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان به ڳالهيون ٿيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.