نيٺ سليڪشن ڪميٽي کي به يوٽرن وٺڻو پئجي ويو

شاهه رخ علي سنديلو

 

جڏهن 18 اپريل تي ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان ٿيو ته انهن 15 رانديگرن ۾ محمد عامر جو نالو نه ڏسي مداح پريشان ٿي ويا ۽ مطالبو ڪرڻ لڳا ته عالمي ڪپ جهڙي ميگا ايونٽ ۾ محمد عامر جو هجڻ لازمي آهي، جيتوڻيڪ فاسٽ بالر جي چيمپيئنز ٽرافيءَ کانپوءِ ڪارڪردگي متاثر ڪندڙ ناهي رهي شوقينن توڙي ماهرن جو خيال هو ته عامر وڏي ميچ جو رانديگر آهي ۽ کيس ورلڊ ڪپ اسڪواڊ مان ڊراپ ڪرڻ جي غلطي نه ڪئي وڃي. سليڪشن ڪميٽي محمد عامر کي انگلينڊ خلاف 5 ون ڊي ميچن جي سيريز لاءِ 17 رڪني ٽيم جو حصو بڻائي فارم ۾ واپسيءَ جو آخري موقعو ڏنو. پاڪستان ۽ انگلينڊ ۾ پهرين ون ڊي ميچ برسات جي ور چڙهي وئي ۽ محمد عامر ايڪشن ۾ نظر نه اچي سگهيو، هو بدقسمتيءَ سان ٻي ون ڊي ميچ کان اڳ (چڪن پوڪس) جو شڪار ٿي ويو، اها فاسٽ بالر جي بدقسمتي چئجي يا خوش نصيبي، جو ان جي غير موجودگيءَ ۾ انگلش بيٽسمينن پاڪستاني ٽيم جي مستقل ميمبر سمجهي ويندڙ فهيم اشرف کي ڪٽڪو ڏئي سندس ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شموليت تي سواليا نشان لڳائي ڇڏيو. ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ آل رائونڊر طور شامل ڪيل فهيم اشرف کي انگلينڊ خلاف ٽين ون ڊي ميچ ۾ به موقعو ڏنو ويو پر سندس پرفارمنس جيئن جو تيئن رهي، هو بالنگ سان گڏوگڏ بيٽنگ ۾ به ڪو ٻوٽو نه ٻاري سگهيو، جنهن کانپوءِ سليڪشن ڪميٽي يوٽرن وٺڻ تي مجبور ٿي پئي ۽ 2009 ۾ ڊيبيو ڪندڙ عامر کي پهريون ورلڊ ڪپ کيڏڻ جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي.

 

ورلڊ ڪپ اسڪواڊ مان ڊراپ ڪرڻ تي سليڪشن ڪميٽي تي تنقيد جو سبب بڻجندڙ ٻيو رانديگر آصف علي هو، جنهن کي هڪ جارحاڻي بيٽسمين طور ٽيم ۾ شامل ڪرڻ لاءِ مئنيجمينٽ تي زور ڀريو ويو. شوقينن جو چوڻ هو ته انگلينڊ ۾ وڏي اسڪور جون ميچون ٿينديون ۽ ان صورت ۾ پاڪستان کي هڪ جارحاڻي بيٽسمين (هارڊ هٽر) جي کوٽ محسوس ٿيندي ۽ اڳتي هلي ٿيو به ائين، آصف علي جڏهن انگلينڊ خلاف ٻي ون ڊي ميچ دوران ميدان تي لٿو ته پاڪستان جي مقابلي ۾ واپسي ڏکي هئي پر هو تيز ترين بيٽنگ ڪندي ٽيم جي ٻڏندڙ ٻيڙي ڪناري تي پهچائي همت هارائي ويٺو، جارحاڻي بيٽسمين کي پنهنجي اهليت ثابت ڪرڻ لاءِ اهو ڪافي نه هو، ڇو ته ان ميچ ۾ پاڪستان کي وڏو هدف مليو ۽ هر بيٽسمين پنهنجي وس آهر غير معمولي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي. آصف علي جو وڏو امتحان انگلينڊ خلاف ٽين ون ڊي ميچ ثابت ٿي، جنهن ۾ پاڪستان جو ٽاپ آرڊر ناڪام رهيو ۽ گرين شرٽس جون 162 رنسن تي 4 وڪيٽون ڪِري پيون، ان موقعي تي آصف علي ذميوراڻي بيٽنگ ڪندي نه رڳو وڪيٽ بچائي پر ٽيم جو اسڪور به اڳتي وڌائيندو رهيو، هن سيٽ ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي روايتي انداز ۾ ڪجهه وڏا شاٽ به کيڏيا ۽ ڏسڻ وارن ڏٺو ته جيڪڏهن اهو بيٽسمين بالرن تي ڏمرجي پئي ته مخالف ڪپتان وٽ بچاءُ جو ڪو آپشن نه هوندو. آصف علي جو ورلڊ ڪپ ۾ شموليت لاءِ مقابلو ٽيم ۾ ٽئين اوپنر طور شامل ڪيل عابد علي سان هو پر جتي جارحاڻي بيٽسمين هڪٻئي پويان ففٽيون اسڪور ڪري سليڪٽرن جو اعتماد حاصل ڪيو، اتي ئي وري امام الحق پنهنجي شاندار ڪارڪردگي سان عابد علي جون ورلڊ ڪپ کيڏڻ جون اميدون لوڙهي ڇڏيون، ڇو ته سليڪشن ڪميٽي فخر زمان کي ويهارڻ جو پري پري تائين نه سوچيو هوندو، ائين آصف علي هڻي هنڌ ڪيو ۽ عابد علي کي واپسيءَ جي ٽڪيٽ ڪٽرائڻي پئي، هونئن به رڳو ٻه ون ڊي ميچون کيڏندڙ عابد علي کي آصف علي تي ترجيح ڏيڻ انصاف جوڳو عمل نه هجي ها.

 

20 مئي تي چيف سليڪٽر انضمام الحق ڪرڪيٽ جي عالمي ميلي لاءِ حتمي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ته وهاب رياض جو ٻڌي سڀ اچرج ۾ پئجي ويا، ڇو ته هو گذريل ٻن ورهين کان ون ڊي ٽيم ۾ شامل نه هو، هن پنهنجي آخري ميچ چيمپيئنز ٽرافي 2017 ۾ ڀارت خلاف ايجبسٽن ۾ کيڏي هئي ۽ بالنگ ڪرائيندي ان فٽ ٿي ويو هو پر ڪجهه حلقن وهاب رياض جي شموليت کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو، ڇو ته فاسٽ بالر پاڪستان سپر ليگ ۽ ڊوميسٽڪ ٽورنامينٽس ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندو رهيو آهي ۽ هو هن وقت ٽيم ۾ واحد فاسٽ بالر آهي، جيڪو گذريل ٻئي ورلڊ ڪپ کيڏي چڪو آهي. وهاب رياض جي ٽيم ۾ شموليت سان ڪنهن هڪ کي ته ويهڻو هو ۽ اها تلوار جنيد خان مٿان ڪِري، سليڪٽرن نوجوان ۽ غير تجربي ڪار فاسٽ بالر محمد حسنين تي اعتماد ڪندي تجربي ڪار فاسٽ بالر جنيد خان کي ڊراپ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ڇو ته سليڪشن ڪميٽي محمد حسنين جي صورت ۾ سرپرائز ڏيڻ چاهي ٿي، ٽيم مئنيجمينٽ جو خيال آهي ته 150 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان بالنگ ڪرائڻ جي صلاحيت رکندڙ محمد حسنين انگلينڊ جي پِچن تي مخالف ٽيمن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو پر جنيد خان ڊراپ ڪرڻ تي انوکو احتجاج ڪيو آهي، هاڻ ڏسجي ته ڇا محمد حسنين واقعي سليڪٽرن جي اميدن تي پورو ٿو لهي يا انضمام الحق اينڊ ڪمپني کي جنيد خان کي ڊراپ ڪرڻ وارو فيصلو ڳچيءَ ۾ پوندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.