وزيراعظم کي قوم جي ٻارن جو مستقبل سنوارڻ جي ڳڻتي آهي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم جي سڌ سماءُ  بابت صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته روايتي پارٽين جي اڳواڻن کي رڳو پنهنجن ٻارن ۽ پنهنجي مستقبل جي ڳڻتي آهي، عمران خان کي قوم جي ٻارن جو مستقبل سنوراڻ جي ڳڻتي آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ سڌ سماءَ بابت صلاحڪار عاشق اعواڻ چيو ته سياسي پارٽين کي ڪمپينيون سمجهي هلائيندڙ چاهين ٿا ته ايندڙ نسل قوم تي مڙهي وڃون.

هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم عمران خان دليراڻا فيصلا ڪيا آهن جن جا فائدا جلد قوم کي ملندا ۽ پاڪستان معاشي توڙي سماجي لحاظ کان طاقتور ملڪ بڻجي اڀرندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.