ٽنڊو غلام علي: آپگهات ڪندڙ ناري انيلاکي بليڪ ميل ڪندڙ مک جوابدار گرفتار

ٽنڊو غلام علي ( ويب ڊيسڪ ) سوشل ميڊيا تي بيلڪ ميل ڪرڻ کان تنگ ٿي ناري جي آپگهات ڪرڻ کان پوءِ  پوليس نامزد جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي .

 رات دير سان ٽنڊوغلام علي پوليس جون ٻه الڳ الڳ ٽيمن ضلعي حيدرآباد جي مختلف ڳوٺن تي ڇاپا ھڻي ناري کي بليڪ ميل ڪندڙ ماسٽر مائينڊ جوابدار سوم مينگھواڙ کي سندس اباڻي شھر کٿڙ جي ھڪ گھر مان گرفتار ڪري ورتو  آھي.

 ٽنڊوغلام علي جي لاڪ اپ ۾ صحافين سان ڳالھائيندي جوابدار ٻڌايو ته  هن ناري   کان  27  ھزار سندس سون جي منڊي ٺھرائڻ لاء ورتا آھن باقي بليڪ ميلنگ جي مون کي ڪا به خبر نه آھي

ٽنڊوغلام علي پوليس ٻن ٻين جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاء ٻه الڳ ٽيمون جوڙي ورتيو ايس ايڇ او رياض رند مطابق ايندڙ ڪجھ ڪلاڪن اندر رهيل ٻه جوابدار  ٻه لاڪپ ۾  هوندا مک جوابدار پڪڙڻ وڏي ڪاميابي  آھي.

ٻئي پاسي ايس ايس پي بدين سردار حسن نيازي  ٽنڊوغلام علي پهچي ناري انيلا جي وارثن سان عذرخواهي ڪري همدردي جو اظهار ڪيو

مقتول ناري جي والد ڊاڪٽر لکمن ۽ ٻين وارثن کي ايس ايس پي يقين ڏياريو ته   48 ڪلاڪن ۾ بليڪ ميل ڪندڙ رهيل جوابدارن کي بھ گرفتار ڪري جيل حوالي ڪيو ويندو

 ان موقعي تي مقتولا جي والد  چيو ته اسان پوليس کي 15 ڏينهن اڳ شڪايت ڪئي پر پوليس ڪي به جوڳا  اپاءَ نه ورتا جنهن ڪري سندن نياڻي  آپگهات ڪري ڇڏيو .

هنن ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته اهڙن جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ته جئين اهڙا واقعا ورجائجي نه سگهن ……………….

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.