مني لانڊرنگ ڪيس، ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي اڳواڻ کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت

ڪراچي (رپورٽر)دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ايم ڪيو ايم ،خدمت خلق فائونڊيشن مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جو اڳوڻو سينيٽر احمد علي پيش ٿيو .عدالت احمد علي کي 45 ڏينهن جي لاءِ پرڏيهي وڃڻ جي  اجازت ڏئي ڇڏي آهي .عدالت احمد علي کي 20 لک ضمانت  جمع ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي .ڪيس جي ٻڌڻي 19 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .احمد علي جي وڪيل چيو ته منهنجي موءڪل جي طعبيت خراب آهي، هو علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ چاهي ٿو .احمد علي جو مني لانڊرنگ سان ڪو به تعلق نه آهي .ايف آءِ اي عدالت کي چيو  هو ته 13 سوال تيار ڪيا ويا آهن جيڪي احمد علي کان ڪيا ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.