آءِ ايم ايف سان ڪيل ٺاهه پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو وڃي: خورشيد شاهه

اسلام آباد ( بيورو ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته ڊالر جو اگهه وڌڻ سان قرضن جو بار به وڌي ويو آهي، عوام جو تيل ايترو نڪري ويو آهي جو ايڪسپورٽ به ٿي سگهي ٿو.  اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته هڪ طرف عمران خان تيل ۽ گئس نڪرڻ جي دعويٰ ڪندو رهيو ته ٻئي طرف وري سندس صلاحڪار چون ٿا ته 20 ڪروڙ ڊالر خرچ ڪرڻ باوجود ڪجهه نه نڪتو آهي پر عوام جو تيل ايترو نڪتو آهي جو ايڪسپورٽ به ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته پهريون بجيٽ آءِ ايم ايف جي مشوري سان ٺهندي هئي پر هاڻي آءِ ايم ايف بجيٽ پاڻ ٺاهي رهي آهي اها تبديلي آهي، آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدو ڪو نيو ڪليئر ٺاهه ناهي تنهن ڪري ٺاهه پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو وڃي، جيڪڏهن معاهدو پارليامينٽ ۾ پيش نه ٿو ڪيو وڃي ته مطلب پارليامينٽ کي ڪجهه نه ٿا سمجهن. سندس چوڻ هو ته معيشت رياست جي ڪرنگهي جي هڏي هوندي آهي، معيشت جي خراب صورتحال حڪومت جي ناڪامي آهي،  پاڙيسري ملڪن جي معيشت بهتر ٿي رهي آهي، عمران خان معيشت کي اهڙي هنڌ پهچايو جيڪو سڀني لاءِ چئلينج آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.