رپورث:نوشهروفيروز: اهلڪارن پاران قتل ڪيل نوجوان جي وارثن جو سندن گرفتاري لاءِ احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
نوشهروفيروز: اهلڪارن پاران قتل ڪيل نوجوان جي وارثن جو سندن گرفتاري لاءِ احتجاج
عوامي آواز رپورٽنوشهروفيروز: اهلڪارن پاران قتل ڪيل نوجوان جي وارثن جو سندن گرفتاري لاءِ احتجاج

نوشهروفيروز ويجهو اڍائي سال اڳ ڀريا پوليس هٿان ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيل نوجوان شفيق احمد سولنگي جا

قتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

مقتول جي پيرسن پيءُ خان محمد سولنگي، امڙ وزيران سولنگي، ڀاءُ رفيق سولنگي ۽  جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ اڍائي سال اڳ ڀريا پوليس جي ايس ايڇ او عبدالله اعواڻ، اهلڪار موسيٰ سولنگي ۽ ٻين گڏجي سندن نوجوان کي ڳوٺ طالب سولنگي مان گهران کنڀي گم ڪري ڇڏيو هو.

هنن چيو ته اهلڪارن سندن پٽ کي  قتل ڪري سندن  جهولي خالي ڪري ڇڏي.

نوجوان جي امڙ مسمات وزير سولنگي لڙڪ هاريندي ٻڌايو ته ظالمن سندس نوجوان پٽ ماري ظلم ڪيو آهي.

هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي  چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو تھ معاملي جو نوٽيس وٺي  پٽ جي قتل ۾ ملوث پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ مرڻ گهڙي تائين احتجاج جاري رهندو……………….

رپورٽ-ايم ظفر تڳر

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.