سنڌ جي سرمست جي عرس جو افتتاح، انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ سچل جو پيغام گهرجي: صوبائي وزير

خيرپور/راڻيپور( ڊر+ن ع آ) سنڌ جي منصور  حضرت عبدالوهاب المعروف سچل سرمست جي 198هين عرس جون سرڪاري تقريبون شروع ٿي ويون آهن، اوقاف کاتي جي صوبائي وزير فراز حسين ڏيرو درازا پهچي حضرت سچل سرمست جي مزار تي حاضري ڀري ۽ گلن جي چادر چاڙهي.  ان موقعي تي سجاده نشين ميان عبدالحق فاروقي سوئم. ڪمشنر سکر ڊويزن رفيق احمد ٻرڙي، چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف منور علي مهيسر، سيڪريٽري اوقاف محمد نواز شيخ، ڊي سي خيرپور محمد نعيم سنڌو، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر رياض حسين وساڻ، ضلعي چيئرمين شهريار وساڻ، ايس ايس پي خيرپور عمر طفيل، لعل بخش منگي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. صوبائي وزير درگاهه جي اڱڻ تي غريب ۽ بيواهن ۾ عيد جا تحفا ورهايا. ايوارڊ تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير اوقاف فراز حسين ڏيرو چيو ته حڪومت جي ڪوششن سبب دهشتگردي جي لهر تي ضابطو آيو آهي، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کي بهتر نموني ٻنجو ڏيڻ لاءِ سچل سائين جو پيغام عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسين خوشنصيب آهيون جو صوفين جي سرزمين سڏجندڙ سنڌ ۾ رهون ٿا. هن چيو ته وفاق پاران اين ايف سي  تحت  پئسا نه ٿا ڏنا وڃن جنهنڪري سنڌ صوبي ۾ مالياتي بحران آهي. صوبائي وزير چيو ته درگاهه سچل سرمست جي مرمت لاءِ 150  ملين ( ڏيڍ ڪروڙ)  جي اسڪيم تيار ڪئي آهي جيڪا بجيٽ 20-2019ع ۾ منظور ڪرائي ويندي ۽ ايندڙ سال درگاهه تي ڪم شروع ٿي ويندو. اِن کان اڳ چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف منور علي مهيسر چيو ته درگاهون ئي امن پسنديءَ جو واحد ذريعو بچيون آهن، سجاده نشين ميان عبدالحق فاروقي سوئم چيو ته روضي جي حالت زبون آهي، انڪري درگاهه جي ٻيهر اڏاوت سان گڏ جامع مسجد تعمير ڪرائي ڏني وڃي. ڪمشنر سکر ڊويزن رفيق احمد ٻرڙو، سچل يادگار ڪميٽي جي چيئرمين/ ڊي سي خيرپور محمد نعيم سنڌو. مختيار ملڪ، لعل بخش منگي، رياض حسين وساڻ، قربان منگي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. بهترين مقالا نگار غوث بخش عباسي، بهترين شاعر هدايت بلوچ، بهترين راڳي ممتاز ڪنول، بهترين صوفي راڳي رجب ۽ سلامت سهراب فقير، ڀورل ڀٽي، بهترين ملهه پهلوان عبدالقادر ميتلو ۽ محمد صديقي بگٽي، بهترين سگهڙ خليل مهيسر، بهترين ڪارڪن ساجد حسين شاهه۽  سگهڙ درمحمد سهتو کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ويو. ان کان اڳ سچل يادگار ڪميٽي پاران سرمست 40 ۽ سووينيئر 30 ۽ سنڌ اطلاعات کاتي پاران “حق موجود” رسالي جو مهورت ڪيو ويو.03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.