دل جي بيمارين جي ڪراچي واري اسپتال مالي بحران جو شڪار

ڪراچي(رپورٽر) دل جي مرض جي اسپتال اين آءِ سي وي ڊي ۾ مالي بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي. رپورٽ موجب  اين آءِ سي وي ڊي ۾ مالي بحران سبب دوائون ۽ طبي اوزار ناياب ٿي ويا آهن ۽ فنڊ نه ملڻ سبب انتظامي معاملا متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته عدم ادائيگين تي  ٺيڪيدارن دوائون ۽ طبي اوزار ڏيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي. رپورٽ موجب اين آءِ سي وي ڊي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر نديم قمر مالي بحران بابت وڏي وزير مراد علي شاهه کي لکت ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته مرڪزي اسپتال ۽ 8 سينٽرن تي دوائن جي فراهمي نه هئڻ برابر آهي، فنڊ نه ملڻ سبب مريضن جون ڏکيائيون وڌي سگهن ٿيون.هوڏانهن اداري جي ترجمان چيو آهي ته اداري ۾ ڪو به مالي بحران نه آهي. او پي ڊي ۽ اسپتال ۾ داخل مريضن کي دوائون معمول موجب ملي رهيون آهن. سمورا پروسيجرز ۽ آپريشن معمول موجب جاري آهن. انچارج موجب فنڊ لاءِ سرڪار کي خط لکڻ معمول جي ڳالهه آهي. ڪجهه عنصر ڊائريڪٽر جو گذريل سال وارو گڏيل خط سوشل ميڊيا گروپن ۾ عام ڪري ناڪاري پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.